سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

عورتن سان پيش ايندڙ واقعن کي ٻنجو ڏيو

ساگر ميمڻ
اڄڪلھه پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي خبرن ذريعي عورتن سان پيش آيل واقعا تمام گھڻا پڙھڻ ۽ ٻڌڻ لا۽ ملن ٿا، سنڌ جي ڪنھن نه ڪنھن ضلعي، تعلقي ۽ شھر مان ڪو نه ڪو واقعو ھر روز نظر اچي ٿو، ائين ٿو لڳي ته اسانجو سماج عورت دشمن بڻجندو وڃي پيو. جيڪڏھن انھن واقعن جا سبب ڏسجن ته اِھو نظر اچن ٿا ته ماني ٺاھڻ ۾ دير ٿيڻ جي سبب مڙس جذبات ۾ اچي ٿي زال کي ڪھاڙي يا ٻئي ڪنھن ھٿيار سان ماري ڇڏيو، ٻارن ۽ گھرو تڪرار تان عورت کي ماريو ويو، ذاتي ۽ قبائلي دشمني جو وير پاڙڻ تان ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ ماري وئي، ڪاروڪاري جي آڙ ۾ کيس ماريو وڃي ٿو، يعني اِھي ۽ ٻين سببن جي ڪري عورتن کي ماريو وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته مرداڻي سماج ۾ عورت کي ٻئي درجي جو شھري تسليم ڪيو وڃي ٿو، عورت کي ذاتي جاگير سمجھي جيئن مرد وڻي ٿو تيئن سندس سان سلوڪ روا رکي ٿو. مرد ائين سوچي ٿو ته عورت مرد جي ماتحت آھي تنھنڪري مرد عورت سان جھڙي طرح به پيش اچي اُھو مرد جو حق بڻجي ٿو. اِھا لاعلمي، ڪم علمي ۽ جھالت واري اُن سوچ کي عورت دشمن جو نالو ڏجي ته اُن ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. ھيءَ اُھا سوچ آھي جنھن سان عورت کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بنايو وڃي ٿو. يعني مذڪوره سببن کان علاوه عورت ذات کي ھر طرح سان رسوائي ۽ ذلت جو نشانو بنائڻ سان گڏ اُن جي زندگي جو ڏيئو اھڙي طرح سان اجھايو وڃي ٿو ڄڻ لڳي ٿو ته اُھا زندگي انسان جي نه ھجي، انتھائي بي رحماڻي طريقي سان ٿيندڙ قتل جا واقعا اُن ڳالھه جو چٽو دليل آھن.عورتن سان پيش ايندڙ ھيءَ صورتحال اڄ جي ناھي، عورت دشمني جي ھڪ ڊگھي تاريخ رھي آھي. ازل کان ائين ٿيندو اچي پيو پر ھلندڙ ڪجھه مھينن دوران مونکي عورتن سان پيش ايندڙ واقعا تمام گھڻا نظر آيا، جن جا  سماجي، ذاتي، قبائلي ۽ ٻيا سبب آھن. عورتن جي مسئلن، معاملن ۽ حقن بابت جيڪي تنظيمون يا فورم آھن جيڪڏھن پاڻ انھن جي ڪم ۽ ڪارڪردگي جو جائزو وٺون ٿا ته مونکي ته انھن جي ڪارڪردگي ڪا به نظر نٿي اچي، پري پري تائين ائين لڳي ٿو ته ڪاري وارا ڪک ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ممڪن آھي ته مقامي يا وري علائقي سطح تائين ڪو ھلڪو ۽ ڦلڪو آواز اُٿاريو ويندو ھجي پر اُن جو به مقصد ائين ھوندو ته يوسف جي خريدارن ۾ نالو لکائجي ته جيئن ميار کان بچي پوي پو۽ سوال ھيءَ آھي ته اُھي تنظيمون ۽ فورم ڪھڙي ايجنڊا ۽ مقصد تي ڪم ڪري رھيا آھن يا اُھي جاکوڙين پيون ؟ ھن سوال جي جواب طور زميني حقيقتن مان اسانکي ھيءَ صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته ھاڻي ته جيئن ٻين ادارن ۽ تنظيمن جو ڪارج پنھنجي ذاتي ۽ انفرادي مفاد جي حاصلات تائين محدود ٿي ويو آھي، ساڳي طرح انھن تنظيمن ۽ فورمن جو به ڪارج ۽ ڪردار اھڙو نظر اچي ٿو.حالانڪه جيڪو آواز ۽ سڏ ذات کي خوش ڪرڻ تائين محدود ڪيو وڃي اُِھو ڪيئن ممڪن آھي ته پڙاڏو بڻجي گونجي، تنھن ڪري پاڻ ائين چئون ته انھن تنظيمن ۽ فورمن جو ڪارج ۽ ڪردار کي ماٺار ۽ خاموشي جو سُرو لڳي ويو آھي. تن مان اجتماعي ڀلائي جي اُميد ٻٻرن کان ٻير گُھرڻ جي برابر آھي ڇا ٿوھرن مان ڇانو جي اُميد رکي سگھجي ٿي.؟ اُن کان علاوه سياسي ميدان ۾ عورت ايم پي ايز يا وري ايم اين ايز سميت جيڪي به عورتون سياسي طور تي اڳڀريون آھن. اسان جيڪڏھن انھن عورتن جي مسئلن بابت ڪارگردگي جو جائزو وٺون ٿا، افسوس ٿئي ٿو ته ھنن عورت ايم پي ايز يا ايم اين ايز سميت سياسي ميدان ۾ اڳڀريون رھندڙن جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ نظر اچيٿي، ھنن جو عورت جي مسئلن ۽ معاملن ڏانھن رويو نظر انداز، لاپراوھي ۽ غير ذميواري وارو رھيو آھي، جيڪڏھن ڪنھن به عورت سان ناجائزي يا وري زيادتي ٿيندي آھي ته اڪثر ھيءَ ڏٺو ويو آھي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اُھو واقعو ڪوريج ٿيڻ کان پو۽ مقامي سطح تي سياسي ۽ وڏيرڪي اثر رسوخ ۽ جاگيردارڻي طاقت ۽ پريشر جي ذريعي دٻجي وڃي ٿو. مثلن فرض ڪريو ته جيڪڏھن اھڙن واقعن جي متاثر عورتن کي سماجي سطح کان وٺي سياسي طور تي ڀرجھلو يا مدد ڪندڙ ڪو ھجي ته ملوث ماڻھن کي ڪا سيکت ملي پوي. ھتي ھن ڳالھه کي واضح ڪندو ھلان ته عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي سميت جيڪي به جھڙي روپن ۽ طريقي سان واقعا يا مسئلا درپيش اچن ٿا جن سان اُھي عورتون متاثر ٿين ٿيون، اھڙن واقعن ۽ مسئلن جي خلاف سماج جي سمورن حصن سميت مردن توڙي عورتن سڀن کي انھن واقعن جي خلاف آواز اُٿارڻ گھرجي پر ھتي خاص طور تي عورت ايم پي ايز يا ايم اين ايز سميت سياسي ميدان ۾ اڳڀريون رھندڙ عورتن جي غير ذميواري يا ڪوتاھي تي ڳالھائڻ جو مقصد ھن ريت آھي ته مذڪوره شعبن جي عورت اڳواڻن کي عورتن جي حقوق يا وري عورت ڪوٽا تي مالي کان سياسي فائدو ڏنو ويندو، تنھنڪري انھن تي ھيءُ به فرض عائد ٿئي ٿو ته عورت سان پيش ايندڙ واقعن تي به پنھنجو مثبت ۽ گھربل ڪردار ادا ڪن جيڪو ھن جي ذميواري ۾ پڻ اچي ٿو. ضرورت ھن ڳالھه جي آھي ته عورت جي مسئلن بابت قانون سازي يا ائين چئجي بل ھر دور حڪومت ۾ تمام گھڻا پاس ٿين ٿا ۽ ھر دور جي حڪومت عورتن جي حقن ۽ تحفظ جي ڳالھه ڪري ٿي پر سوال ھيءَ آھي ته آخر ڇو عورتن سان پيش ايندڙ واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو رھي ٿو ؟ يقينن ھن سوال جو جواب ھن ريت بيھي ٿو ته ٿيل قانوني سازي تي عملدرآمد جي کوٽ نظر اچي ٿي، تنھنڪري وڌيڪ قانون سازي ڀلي ڪئي وڃي پر انھن تي عملدرآمد پڻ ڪرايو وڃي ته جيئن ٿيل قانوني سازي مان سماج ۽ عورتن کي ڪو لاڀ حاصل ٿي سگھي.