جمعو 17  آگسٽ 2018ع

رٿابنديءَ جي کوٽ-سدائين ٽوٽ

الطاف اثيم
تاريخ کان اڳ واري زماني کان ويندي اڄوڪي وقت تائين قومن جي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي ترقيءَ جو مدار سائنسي سوچ، ڊگهي مدت واري رٿابندي ۽ انجنيئرنگ واري شعبي جي مضبوطيءَ تي رهيو آهي، بيل گاڏيءَ جو ڦيٿو، سُٽ ڪتڻ وارو چرغو، ٿانون ٺاهڻ وارو چڪ، روشن هوادار ڪشادن گهرن جي اڏاوت، سڙڪون، رستا، گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارو نظام، دريائي ۽ سامونڊي سفر يا واپار لاءِ ٻيڙين، غورابن ۽ جهازن جي تياري وغيره اهي سڀ ڪارج انجنيئرنگ واري شعبي جي اثر هيٺ هجن ٿا. قديم سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو انهيءَ سموري سِٽاءَ ۾ ڪمال جي درجي تي پهتل هئا. اهڙيون پڪيون شاهديون اسان کي پنهنجن قديم آثارن توڙي تاريخي ماڳن مڪانن مان ئي ملن ٿيون. هزارين سال ۽ صديون گذري وڃڻ بعد به قديم آثار پنهنجي دور جي تاريخ ۽ هنر مند جي قابليت ۽ رٿابندي Planning ڪندڙ ذهنن کي نمايان ۽ نروار ڪيون بيٺا آهن. هلندڙ وقت ۾ وڌيڪ تعليم، تربيت ۽ فني سهولتون هجڻ جي باوجود انجنيئرز جون تيار ڪرايل عمارتون، روڊ، رستا ۽ پليون وغيره اڌ صدي ته ڇا پر جي رڳو ويهارو سال کن ڪڍي وڃن ته به غنيمت ڄاڻجي، اسڪولي ٻارڙن مٿان ڪلاس روم جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ واريون خبرون ته روزانو ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ پڙهجن ٿيون، بجاءِ جو ان نااهل انجنيئر، ٺيڪيدار يا ڪمپنيءَ جي سزا لاءِ سوچيون يا مذمت ڪريون، اسين فقط ساڳين ئي عوامي نمائندن ۽ صاحب لوڪن معرفت ٻيهر تعمير جو مطالبو ڪريون ٿا. انهيءَ سموري ڪمزوريءَ پويان خدا خوفي، انسان دوستي، وطن پرستي ۽ پيشي سان سچائي جي کوٽ نظر اچي ٿي. تاريخ جي طالب علم هئڻ جي ناتي جڏهن رڳو مني صدي پوئتي جي معمار، هنرمند يا بااختيارن جي ڪردار تي نظر وجهجي ٿي ته حيراني وٺي ٿي وڃي، وات ته ان وقت جي معمار يا عملدار کي به هو، اهل عيال يا عيش آرام جي سوچ ته ان وٽ به هئي پر هو جيترو پنهنجي پيشي سان سچو هو اوتري ئي کيس عزت به پياري هئي. چوندا هئا ته ”يار متان خواري ڪري وجهي“ ٻه چار حوالا تاريخ جي تهن مان ڏيندس ته مون واري دعويٰ درست بيهندي. برطانوي سرڪار ننڍي کنڊ تي قبضي کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ کان پشاور تائين ريلوي لائن وڇائي ته ان مٿان 3850 پليون ٺهيون جن مان ٻاونجاهه تمام وڏيون جهڙوڪ ڪوٽڙي ۽ روهڙي وغيره ۽ باقي 13316 ننڍيون پليون ٺاهيون ويون، 1861ع کانپوءِ يعني 157 سال گذرڻ تائين اڄ به ريل رستي سفر ڪندڙ مسافر بي خوف ويٺو هجي ٿو. لکين مسافر انهن پلين مٿان روزانو سفر ڪن ٿا ۽ ڪروڙين ٽن وزن هڪ کان ٻئي شهر منتقل ٿئي ٿو، ڇا هي ملڪ انگريز جو مادر وطن هو؟ اوهان مان ڪيترن ئي مون جيان پنهنجي ڳوٺ جي روهڙي ڪينال يا ابل واهه واري ويهه سال اڳ جڙيل مگر هاڻي جهريل ۽ زبون حال، لڏندڙ پل ضرور ڏٺي هوندي. انجنيئر يا ٺيڪيدار پل جهڙي نازڪ ۽ حساس اڏاوت کي به ڏامر جي غير معياري روڊ جيان ٺاهي هليا ٿا وڃن، کين اها پرواهه ئي ڪانه ٿي هجي ته اتان روز سوين انسان پيادل يا سوارين رستي گذرندا ۽ هر وقت خطري ۾ هوندا. انجنيئرنگ شعبي جي ڪارڪردگي ان مان به ظاهر ٿي هئي، جڏهن هنن ضلعي خيرپور کي لاڙڪاڻي سان ملائيندڙ پل جي Site selection ۾ 15 سال لائي ڇڏيا. ٻئي پاسي جڏهن دنيا جي سڀ کان وڏي آبپاشي سرشتي کي ڏسون ٿا ته اهو 32-1923ع تائين يعني 9 سالن ۾ مڪمل ٿئي ٿو، سول انجنيئر جي کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ 1921ع ۾ ٻه سال اڳ NED ڪاليج کوليو ويو ۽ پهرئين بئنچ جا 25 ئي گريجوئيٽ لائيڊ بئراج سکر واري پروجيڪٽ ۾ ڀرتي ڪيا ويا. ان وقت سنڌ اندر فقط بيل گاڏيون، ڇڪڙا ۽ اٺ گاڏا مسافري يا بار برداري لاءِ استعمال ٿيندا هئا. موٽر گاڏيون به ڪن ڳاڻ ڳڻين ماڻهن وٽ هيون. دورانديشي Vision ته ڏسو وزن جي برداشت واري قوت Load Bearing Capacity اهڙي رکي ويا آهن جو اڄ تائين روزانو لکين ٽن وزن ان پل مٿان گذري ٿو. پنجاهه سالن ۾ آبادي جي وڌڻ يا ٽريفڪ ۾ واڌاري جو خيال رکندي روڊ ايترو ڪشادو رکيائون جو اڄ ٻه وڏيون ويڪريون گاڏيون سولائي سان گذري وڃن ٿيون، پل جي ٻنهي پاسن کان پيادل ماڻهن لاءِ فٽ پاٿ ۽ ساهي پٽڻ لاءِ وٿيءَ سان بئنچون به رکيون ويون. گڏيل هندستان ۾ پاڻيءَ جي ورڇ تحت سنڌونديءَ جو وهڪرو 33 هزار ڪيوسڪ هو پر بئراج جا دروازا اوچا ۽ ايترا ويڪرا رکيائون جو 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ هتان 14 لک ڪيوسڪ پاڻي گذاريو ويو. سکر بئراج ٺاهڻ جو برطانيه سرڪار بظاهر ته سنڌيءَ ماڻهن کي سکيو ستابو ڪرڻ ۽ لکين ايڪڙ غيرآباد زمين کي پوک لائق بڻائڻ هو پر ان جي پويان جيڪا ڊگهي مدت واري رٿابندي يا Vision هو سو هيو، انگريز سرڪار جو خشڪي رستي شڪارپور، ڪوئٽا، چمن ۽ ڪابل کان ٿيندو وچ ايشيا تائين پهچڻ، ڇو ته وچ تي ڪٿي به انهن شهرن کي ڳنڍيندڙ پل ڪانه ٽٽي، سنڌ سرڪار پاران 1982ع ۾ سکر بئراج جي گولڊن جوبلي وڏي پئماني تي ملهائي ويئي. جهمريون پائي، هو جمالا ڳائي ڪامورا مس گهر پهتا ته سکر بئراج جا ٽي دروازا لڙهي ويا. آبپاشي عملدارن مان ڪنهن کي به ڪل ڪانه هئي ته لوهي گيٽ پنهنجي 50 سال گارنٽي پوري ڪري چڪا آهن، وري جڏهن درن جي بحالي جي اسڪيم تيار ٿي ته ان اوائلي برطانوي ڪمپنيءَ جو ٽينڊر ئي قبول نه ڪيو ويو. جنهن اڳ اهي دروازه ٺاهي لڳايا هئا، ڳرين آڇن وارين ڪاغذي ڪمپنين حوالي اهو سنڌ جي زندگيءَ موت وارو منصوبو ڪيو پئي ويو. سنڌ جي تڏهوڪي آبپاشي وزير ۽ نامياري مهمان نواز سنڌي زميندار جي دانائي ۽ سچائي کي داد ڏيڻو پوندو، جنهن سمورا ٽينڊر پاسيرا رکي حڪم ڏنو ته هر حال ۾ ساڳي ڪمپني کي بئراج جي دروازن جي بحاليءَ جو ڪم ڏنو وڃي. ڇو ته ان وٽ ڊزائيننگ ۽ مينوفيڪچرنگ جو سمورو رڪارڊ موجود آهي. اهڙي ريت وقت ۽ سرمايو ته بچندو پر سنڌ پڻ وڏي نقصان کان محفوظ رهندي. ان دور انديشي واري فيصلي سبب ساڳي ڪمپني آئي. سکر سينٽرل جيل سامهون ميدان تي عارضي ڪئمپ قائم ڪري مقرر وقت اندر پل جا 64 دروازه ٺاهي لڳائي واپس ويئي، هڪ سچي کري مخلص وزير جي سوچ ۽ ڪميشن ڪلچر جي پيداوار ڪاموري جي سوچ ۾ فرق واضح ٿي بيٺو. منهنجي سوچن جي سنسار ۾ اهو سوال گردش ٿو ڪري ته اڄ جي معمار يا بااختيار کي سڀ ڪجهه هوندي به ايڏي بک ڇو آهي، هو تاريخ جي صفحن ۽ عوام جي دلين ۾ زنده رهڻ بجاءِ گهڻ ماڙ گهر ۽ بنگلي جهڙي عارضي اقامت کي ڇو ٿو پسند ڪري؟ ڪاش! هو به صدين کان قائم تاريخي تعميرات جيان پنهنجن اڏاوتن جي رٿابندي ڪن، جيئن گهڻي وقت تائين مالڪ جي مخلوق سک وٺي سگهي ۽ سندن نالو به ياد رکيو وڃي. ٻي صورت ۾ اسين رٿابنديءَ جي کوٽ سبب سدائين ٽوٽ يعني نقصان ۾ رهيا آهيون ۽ رهنداسين.