جمعو 17  آگسٽ 2018ع

چونڊن جي داستانن جي ابتدا

امر جليل
اوهان کي ٻُڌائڻ لاءِ مون وٽ چونڊن جي حوالي سان کوڙ ڪهاڻيون آهن. ڪجهه ڪهاڻيون اوهان منهنجي زباني ٻُڌيون هونديون، ڪجهه ڪهاڻيون اوهان منهنجن دوستن ۽ منهنجن دشمنن جي واتان ٻُڌيون هونديون، ٻُڌل ۽ ٻُڌل سُڌل ڪهاڻيون ٻيهر ٻُڌڻ سان صحت تي خراب اثر نه ٿو پوي، اسان هونئن به هشاش بشاش رهندا آهيون، ٽڙيل ٽڙيل رهندا آهيون، گول گپا کائيندا آهيون ۽ دل کولي حوال ڪٽيندا رهندا آهيون. چونڊن بابت پاروٿيون ڪهاڻيون ٻُڌڻ کانپوءِ اسان پنهنجي ڇاتي ۾ جهاتي پائي ناهيون ڏسندا، ڇاتيءَ ۾ جهاتي پائيندڙ ڪڏهن صحتمند ناهن رهندا، اُهي سڄي زندگي پنهنجو مٿو کنهندا رهندا آهن، ڏسندڙ سمجهن ٿا ڄڻ گهري سوچ ۾ غلطان آهي، اصل ۾ انهن جي مٿي ۾ جوُئون پئجي وڃن ٿيون جيڪي کين سوچڻ نه ٿيون ڏين، جيڪڏهن ڪنهن کي مٿو کنهڻ جي واندڪائي ملي وڃي ته ان ماڻهوءَ لاءِ ان کان وڏي نعمت ٻي ڪا نه ٿي ٿي سگهي. چونڊن جي حوالي سان مون وٽ انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، هاڻي جيئن ته چونڊون اچڻ واريون آهن، انڪري هر ٻئي يا ٽئين اڱاري واري ڏينهن مان اوهان کي چونڊن جي حوالي سان هڪ اڌ ڪهاڻي ٻُڌائيندو رهندس، هڪ سال ۾ ٻاونجاهه اڱارا اچن ٿا. مون وٽ چونڊن جي حوالي سان ايتريون ڪهاڻيون آهن جو هر اڱاري واري ڏينهن مان اوهان کي چونڊن جي هڪ ڪهاڻي ٻُڌائي سگهان ٿو پر مان اهڙي غلطي ڪڏهن نه ڪندس، ائين ڪرڻ سان منگل پانڊي ناراض ٿي وڃي ٿو. منگل پانڊي جڏهن ناراض ٿي وڃي ٿو تڏهن ڪو اوهان کان راضي نه ٿو رهي، انڪري هڪ اڌ اڱاري کي ڇڏي ڪري اوهان کي چونڊن جي حوالي سان ڪهاڻيون ٻُڌايان ٿو، مان ڪو اهڙو تهڙو ڪهاڻيڪار نه آهيان. چونڊن جي حوالي سان مان مڃيل ڪهاڻي ڪار آهيان، مان ايتريقدر مڃيل آهيان، ڪو ماڻهو ويٺي ويٺي مڃيل نه ٿو ٿي سگهي، مڃيل هجڻ لاءِ اوهان ۾ مڃڻ جهڙيون صلاحيتون هجڻ گهرجن. مون ۾ مڃيل هجڻ جو هنر آهي، سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ ته مان پنهنجيون صلاحيتون ڪنهن کان نه ٿو لڪايان، پاڪستان ۾ تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته چونڊن جي حوالي سان مون وٽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز جو هڪ بين الاقوامي رڪارڊ آهي، مون هڪ ڀيرو نه پر کوڙ ڀيرا چونڊن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽ وڌا آهن، هڪ اليڪشن ۾ مون پاڻ کان علاوه پنهنجن مائٽن ۽ ويجهن دوستن جا ووٽ وڌا هئا جيڪي گهڻو عرصو اڳ هيءَ دنيا ڇڏي چڪا هئا، هڪ زندهه ماڻهو مرده ماڻهن جي ووٽ سان اسيمبلي جو ميمبر ٿي ويو هو. هڪ ڀيرو مون پنهنجي ڳتيل آبادي واري پاڙي جي سڀني ووٽرن جا ووٽ هڪ اهڙي اميدوار جي ڊٻي ۾ وجهي ڇڏيا هئا جيڪو ڪراچي جي ڏٺل واٺل بااثر ماڻهن جا ڊٻا گول ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو، ڪنهن اليڪشن ۾ ائين به ٿيندو هو ته ٻين جا سوين پر هزارين ووٽ وجهندي وجهندي مان ٿڪجي پوندو هوس، انڪري مان ووٽن جون خالي بنديون گهر کڻي ويندو هئم ۽ پنهنجن ٻارن، ٻچن ۽ سالن، سالين کي ويهاري ووٽن تي ٺپا لڳرائيندو هئم. جعلي ووٽ وجهڻ ۾ منهنجو ڪو ثاني نه هو، اڪثر سياستدان ووٽ خريد ڪندا هئا. مان انهن جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو هئم. ويڪائو ووٽر جيسيتائين اچي ووٽ وجهن، مان انهن طرفان پنهنجي اميدوار جي حق ۾ ووٽ وجهي ڇڏيندو هئم. سياستدان رڙيون ڪندي رهجي ويندا هئا پر انهن جي دانهون ڪوڪون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو هو. هڪ ڀيرو مون ڪمال ڪري ڏيکاريو هو، اڪيلي سر هڪ پولنگ اسٽيشن جا سڀ ووٽ هڪ اهڙي اميدوار جي نالي وجهي ڇڏيا هئا جيڪو مهانڊي مٿان مهانڊو ۽ مٿي تي وگ لڳائڻ جو ماهر هو. اوهان سوچي رهيا هوندا ته اسان جي ملڪ ۾ ڇا اونداهه لڳل آهي جو هڪ پولنگ اسٽيشن جا سڀ ووٽ هڪ اميدوار جي کاتي ۾ وجهي ڇڏجن ۽ ڪو ان ديده دليري جو نوٽيس ئي نه وٺي؟ اڙي ادا، جنهن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، مان ان اداري جو ادنى ملازم آهيان، منهنجي ديده دليري جا قصا ديومالائي قصن وانگر گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز وارن تائين پهچي ويا، انهن پنهنجي ٽيم اماڻي. باريڪ بينيءَ سان جاچ ڪرڻ کانپوءِ ٽيم پنهنجو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو. ٽيم پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته حد پار ڪرڻ کانپوءِ هيراڦيري ديده دليري ۾ بدلجي وڃي ٿي ۽ ديده دليري جڏهن حد کان گذري وڃي ٿي تڏهن دليري ۾ بدلجي وڃي ٿي. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز جي اعزاز سان گڏوگڏ اسان برطانوي حڪومت کي سفارش ڪريون ٿا ته ان دلير ماڻهوءَ کي دنيا ۾ دليري جو سڀ کان وڏو اعزاز وڪٽوريا ڪراس ڏنو وڃي. يعني وڪٽوريا ڪراس جي اعزاز سان نوازيو وڃي. مون کي اميد آهي ته هاڻي اوهان سمجهي ويا هوندا ته گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز وارن مون کي ڇو بين الاقوامي رڪارڊ سان نوازيو آهي، ان باوجود اُنهن مون کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ سان نوازيو آهي. اڄ اڱارو آهي، چونڊن جي حوالي سان ڪو قصو ٻُڌائڻ بدران مان اوهان کي پنهنجو تعارف ڪرايو آهي. يعني مون توهان سان پنهنجي واقفيت ڪرائي آهي. منگل پانڊي کان اجازت وٺڻ کانپوءِ ايندڙ اڱاري واري ڏينهن مان اوهان کي هڪ اهڙي اليڪشن جا قصا ٻُڌائيندم جو اوهان جا لڱ ڪانڊارجي ويندا. حيرت سان چٻائي پنهنجيون آڱريون رتورت ڪري ڇڏيندا. مان وڌاءَ کان ڪم نه پيو وٺان. اُهي چونڊون هيون ئي اهڙيون. چونڊن جي نتيجا ايندي ئي هنگامن جي باهه ملڪ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. سياسي انتشار اکيون ڏيکاريون. ملڪ ٽٽي ويو پر چونڊن جا نتيجا هيڏانهن کان هوڏي نه ٿيا. نتيجا اُهي ئي رهيا، ملڪ نه رهيو. (جنگ جي ٿورن سان)