اربع 23 مئي 2018ع

نقيب الله قتل ڪيس: هڪ شاهد جي بيان تان ڦري وڃڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي: آئي جي سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا چيو آهي ته نوجوان نقيب الله جي قتل ڪيس ۾ هڪ شاهد جي بيان تان ڦري وڃڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي، زمين تي قبضن وارا معاملا سڌي ريت پوليس جي اختيار ۾ نٿا اچن، پوليس کي ڪي به قانوني اختيار ناهن ته ڪنهن کي زمين جي معاملي تان گرفتار ڪري سگهي. ڪراچي ۾ ڪورنگي ايسوسئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجا چيو ته ڊي جي ڪي ڊي اي، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ سي پي ايل سي چيف گڏجي هڪ ڪاميٽي ٺاهين جيئن شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ مارڪيٽ ۾ موٽر سائيڪلن جون 3،3 قطارون لڳل آهن، جتان گاڏين جو گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته جيڪڏهن پوليس ڪارروائي ڪري ٿي ته پوءِ واپاري روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪن ٿا.