جمعو 17  آگسٽ 2018ع

پنجاب حڪومت جي لا آفيسرن جي پگهارن ۾ 150 سيڪڙو اضافو

ويب ڊيسڪ: لاهور: پنجاب حڪومت جي لا آفيسرن جي پگهارن ۾ 150 سيڪڙو اضافو، جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي ۽ هڪ درخواست ذريعي ان ضافي کي بنا جواز قرار ڏنو ويو آهي. مقامي وڪيل علم الدين غازي درخواست ۾ پنجاب حڪومت جي لا آفيسرن جي پگهارن تي اعتراض اٿاريو ۽ نشاندهي ڪئي ته حڪومت ٻن هفتن ۾ ٽٽڻ واري آهي پر ان باوجود پگهارن ۾ 150 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو. درخواست گذار وڪيل لا آفيسرن جي پگهارن ۾ اضافو بنا جواز قرار ڏنو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته ان ضافي سان قومي خزاني تي ٻوجهه پوندو ۽ حڪومت لا آفيسرن جي پگهارن ۾ اضافو ڪري پنهنجي اختيارن کان مٿانهون ڪيو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته لا آفيسرن جي پگهارن ۾ اضافي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.