ڇنڇر 20 آڪٽومبرر 2018ع

مودي سان محبت جو اظهار ڪري نواز شريف تحريڪ انصاف جي حق ۾ مهم هلائي رهيو آهي: عمران خان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي سان محبت ڏيکاري اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سندس پارٽي جي حق ۾ مهم هلائي رهيو آهي. عمران خان پنهنجي ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪيو جنهن ۾ هن چيو ته نواز شريف جو مدي سان محبت جتائڻ جو مقصد ڪاروباري مفادن کي تحفظ ڏيڻ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حق ۾ مهم هلائڻ تي نواز شريف کي ساراهيان ٿو، هو جهڙي ريت مودي جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ته وڏي انگ ۾ ماڻهو ن ليگ کي ڇڏي ويندا. هن چيو ته ايترا ماڻهو ن ليگ مان نڪرندا جو شايد پي ٽي آءِ به انهن کي نه رکي سگهي.