سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

رمضان جون رحمتون، حقوق العباد ۽ واپارين جا واڄٽ

آغا نور محمد پٺاڻ
خير سان رمضان جو مهينو شروع ٿي چڪو آهي. اهي ماڻهو خوش قسمت آهن جن کي پنهنجي زندگي ۾ روزا رکڻ نصيب ٿين ٿا. اسلام آباد جي موسم اڄ ڪلهه ڏاڍي پياري آهي جو هتي اڃا ايتري گرمي شروع نه ٿي آهي، مندائتن مينهن ۽ ٿڌين هوائن جي ڪري موسم اڃا پياري آهي ۽ روزا نه رکڻ ۾ به ڪا تڪليف نٿي ٿئي پر سنڌ ۾ جهولي جي مند آهي ۽ گرم هوائون ۽ بجليءَ جي لوڊ شيڊنگ روزائتن لاءِ يقيناَ آزمائش جو سبب هونديون پر عبادت آزمائش سان ئي ٿيندي آهي. پنهون جي تلاش لاءِ سسئي کي لڪَ لتاڙڻا پيا هيا. بقول ڀٽائي رح سَيڻَنِ ڪارَڻَ سَسُئِي! وَڃَڻَ ڪَجَي وَسُ جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيَين، سَندو گُنگَنِ گَسُ ڏوٿِي ڏِيندَئِي ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو رمضان عبادت جو مهينو آهي، جنهن ۾ جسم جي زڪوات ڪڍڻي پئي ٿي پر واپارين، ڪاروبارين ۽ شوباز ماڻهن هن کي جشن جو مهينو بڻايو آهي. جنهن ۾ شين جا اگھه وڌائي نفعي ڪاڻ هيلا هلايا وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن جي لاءِ رمضان فوڊ فيسٽيول آهي، جيڪي افطار ۽ ڊنر پارٽيون ڪري ميلا مچائن ٿا. هاڻي ته سياست جو زمانو اچي رهيو آهي، ان موقعي تي ته ان قسم جا پيارا پروگرام وڌندا ويندا. اسان پنهنجن وڏن کي ڏٺوسين ته هو رمضان سادگيءَ سان گذاريندا هيا ۽ پنهنجي ٻاراڻي عمر جا روزا ياد آهن جو گهر مان ماني پچرائي مسجدن ڏانهن کڻي ويندا هياسين، ان وقت مسجدون مهمان خانه به هيا ڇاڪاڻ ته پري پري کان مهمان مسافر اچي اتي رهندا هيا. محلي جا ٻيا امير ۽ غريب نمازي گڏجي افطاري ڪندا هيا ۽ اها فقط پڪوڙن ۽ ڇولن جي افطاري نه هوندي هئي پر ان ۾ گهر جون پڪل ٻوڙ ڀاڄيون به شامل هونديو ن هيون. اسانجي پاڙي جي مسجد ڪڙي نواب خان ۾ اسانجو ڏاڏو مرحوم حاجي باران خان 2 وڏيون هڪ هڪ مڻ جون بالٽيون ڳُڙُ جي شربت جون ٺاهي مسجد ۾ کڻائي ايندو هيو ۽ ٺڪر جي ٺهيل کُمرن (ڪٽورن) ۾ شربت پي روزو کوليندا هيا ۽ ان ۾ ايڏو مزو ايندو هيو جو روزو واقعي عبادت لڳندو هيو پر هاڻي وڏن وڏن ريسٽورنٽ ۽ ڪلبن ۾ افطار پارٽيون ڪري روزو کوليو وڃي ٿو ۽ وڏا ماڻهو کارڪن جا پيڪيٽ ڪنهن محلي يا ڳوٺ جي غريب غربي کي ڏيڻ جي بجاءِ آفيسرن، وزيرن ۽ سفيرن کي موڪلن ٿا. اسان گذريل سال شاهه لطيف ڀٽائي جو ڪلام ٻڌڻ لاءِ پنهنجي دوست ۽ شاهه جي عاشق ”انب گوپانگ“ کي اسلام آباد ڪلب ۾ گھرائي سنڌي دوستن کي گڏ ڪيوسين. اتي ڪنهن افطار پارٽي جي ميوزڪ جي گوڙ اسانکي ڀٽائي سرڪار جا شعر ٻڌڻ نه ڏنا ۽ پارٽي ۾ هزار کان وڌيڪ روزي کولڻ وارا موجود هيا. هاڻي وري ميڊيا جي چينلن شام جو انعام گهر کولي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ ماڻهو قرآن پاڪ پڙهڻ بجاءِ لاٽريون ڪڍڻ لاءِ مصروف عمل آهن. هنن ماڻهن رمضان کي ميلن جو مهينو بڻائي ڇڏيو آهي. اڳي روزن ۾ ماڻهو عبادت مان راحت وٺندا هيا، گناهن کان توبهه ڪندا هيا ۽ هاڻي دعوتن مان لطف اندوز ٿين ٿا. اڳي روزن ۾ بُک ۽ اُڃ جا اثر چهري تي نظر ايندا هيا ۽ هاڻي فاسٽ فوڊ ۽ ڪوڪا ڪولا نظر اچن ٿا. پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو 27 رمضان المبارڪ يعني ليلة القدر ۾ قائم ٿيو ۽ هن مهيني ۾ قرآن پاڪ نازل ٿيو. ان ڪري ئي هن مهيني ۾ مسجدن اندر 20 رڪعتون نماز تراويح جو اهتمام ڪيو وڃي ٿو، تان ته ماڻهو قرآن پاڪ جو مطالعو ۽ قاري پنهنجي قرآت کي تازو ڪن ڇاڪاڻ ته سال جي يارهن مهينن ۾ اسانکي پنهنجي ڪاروباري مصروفيتن ۽ سفر سياحت جي ڪري باقائدگي سان قرآن پڙهڻ ۽ صحيح تلفظ سان ٻڌڻ جو موقعو نٿو ملي ۽ اسانجي ٻارن کي به اسڪولي ۽ امتحاني مصروفيات جي ڪري قرآن پاڪ جي پڙهڻ ۾ ڪوتاهيون ٿي وڃن ٿيون. هي مهينو دراصل قرآن پاڪ کي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قرآن کي آهستي آهستي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ پڙهيو وڃي. اڳ ۾ سڄو زور قرآن پاڪ جي تلاوت کي سمجهڻ تي لڳايو ويندو هيو ۽ قاري صاحبان به آهستي آهستي نهايت پياري آواز ۾ تلاوت ڪندا هيا پر هاڻي سڄو زور ختم القرآن تي آهي ۽ بُليٽ ٽرين جي رفتار سان قرآن پڙهيو وڃي ٿو. ڪن جڳهن تي 10 ڏينهن ۾ ۽ ڪٿي وري 3 ڏينهن ۾ پورو ڪيو وڃي ٿو. هاڻي اسان کي اهو خوف آهي ته ڪٿي ڪرڪيٽ وانگر ون ڊي تراويح جو سلسلو نه شروع ٿئي، ڇاڪاڻ ته خدا جي ڪلام ۽ ان جي حڪمن کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهن کي وقت گھٽ آهي. جڏهن اسان مقدس شيءِ کي راند وانگر بڻائينداسين ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو. اڳي لٽن ڪپڙن ۾ به سادگي هوندي هئي هاڻي وري ڊزائنرس ۽ بوتيڪ جي پوشاڪن جو رواج رمضان ۾ آندو وڃي ٿو. اڳي ناچ گاني جو رواج رمضان جي احترام طور ماڻهو بند رکندا هيا، ڪجھه مڱڻهار فقير سحري جي ٽائيم تي دُهل وڄائي ماڻهن کي اٿاريندا هيا ۽ هوڪو ڏيندا هيا ته ”مؤمنو، مسلمانو اٿو روزو رکو“. هاڻي ته ايئن ٿو لڳي ڄڻ رمضان ٺينگ ٽپن، ڳائڻ وڄائڻ ۽ ٽي وي شوز جي انعامن لاءِ اچي ٿو. اسانجي زماني ۾ شام جو ٽيپهري کان سانجهي تائين ماڻهو قرآن پاڪ جو دور ڪندا هيا ۽ هاڻي ٽي وي شو ڏسن ٿا. پهريون رمضان جسم ۽ ذهن جي پاڪائي ۽ صفائي جو تربيتي ورڪشاپ سمجهيو ويندو هيو جنهن ۾ ماڻهو پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي حلال رزق کائڻ ۽ بک ۽ اُڃ جي درد جو اندازو ڪري پنهنجي پاڙي جي غريب غربن ۽ حقوق العباد يعني انسانن جي حقن (Human Rights)جو خيال رکندا هيا. حديث جي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته شيطان کي هن مهيني ۾ قيد ڪيو وڃي ٿو يعني ماڻهوءَ کي نيڪي جي عمل ڪرڻ ۾ رڪاوٽون نٿيون رهن پر هاڻي لڳي ٿو ته شيطان واقعي قيد آهي پر ميڊيا جي جيل خاني ۾ هو پنهنجا ڪرتب ڏيکاري ٿو. دنيا جي ڪيترن مسلمان ملڪن ۾ رمضان جي مهيني ۾ شين جا اگهه رضاڪاراڻي طور تي گھٽايا ويندا آهن ۽ سعودي توڙي مڊل ايسٽ جي ملڪ ۾ حڪومت جي طرفان رعايتي اگھه مقرر ڪيا ويندا آهن. ڪجھه وقت هندستان جي ڪانگريس حڪومت به رمضان ۾ شين جا اگهه گھٽائي مسلمانن کي رعايت ڏني هئي پر اسلامي جمهوريه پاڪستان ۾ رمضان مهانگائي جو طوفان کڻي اچي ٿو ۽ مهانگائي پنهنجي جاءِ تي پر شين ۾ ملاوٽ عام جام نظر اچي ٿي. اسان وٽ اسلام آباد جي ڀرسان ڪوهه مري گرمين ۾ سياحت جو وڏو مرڪز آهي، اتي جا واپاري، دڪاندار ۽ هوٽلن وارا کاڌ خوراڪ واريون ۽ ٻيون شيون مهانگيون وڪڻندا آهن. انهن کان سوال پڇيوسين ته توهان اهي شيون ايڏيون مهانگيون ڇو ٿا وڪڻو. ته هنن جي چوڻ هيو ته سائين اسانکي ڪمائي فقط اهي چند مهينا ٿئي ٿي، پوءِ ته ڪو روزگار ڪونهي پر رمضان ۾ مهانگائي ڪندڙ واپاري ته سڄو سال اهو ڪاروبار ڪن ٿا. شايد اسانجا هي واپاري به رمضان کي سيزن سمجهي شيون مهانگيون وڪڻن ٿا. ٽريولنگ ايجنسين وارن جا به هن مهيني ۾ جام مزا آهن جو اسانجو وڏيرو ۽ واپاري طبقوگناهه معاف ڪرائڻ لاءِ مڪي، مديني ۾ مسجد نبوي ۽ ڪعبة الله ۾ عمرو ڪرڻ وڃن ٿا ته اتي به سيلفن ڪڍڻ جو سٽڪو لڳو پيو آهي. اڄ ڪلهه اسانجي موبائل فونن ۾ ڪيترا ماڻهو ان قسم جون سيلفيون موڪليندا رهن ٿا. جنهن کي پهريون رياڪاري سمجهيو ويندو هيو. عبادت ۽ انسان سان همدردي جو تصور اسانجي ذهن جي سافٽ ويئر مان نڪري ويو آهي ۽ مال جمع ڪرڻ جي حرص ۾ پنهنجي زندگي وقف ڪئي وڃي ٿي. پر اڃا به الله جا نيڪ ٻانها آهن جيڪي هن مهيني ۾ خير خيرات اهڙي طريقي سان ڪن ٿا جو هڪ هٿ جي ٻئي هٿ کي خبر نٿي پوي ۽ اهو ئي حقوق العباد ۽ انساني حقن جو خيال رکڻ رمضان جي روزن جو اصل مقصد آهي. aghanoorm55@gmail.com