جمعو 17  آگسٽ 2018ع

اليڪشن ۽ ”هوا“ جو رُخ

طاهر مهدي
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ويجهڙ ۾ چيو آهي ته عام چونڊن ۾ کٽيندڙ آزاد اميدوار ايندڙ حڪومت جي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. نظرياتي طور تي ڏسون ته اها ڳالهه اُن وقت درست هوندي جڏهن 2018ع ۾ مينڊيٽ وڏين جماعتن جي وچ ۾ برابر طور ورهايل هجي. بيمثال تعداد ۾ آزاد اميدوار کٽين ۽ وري انهن جي اڪثريت کٽيندڙ جماعت مان ڪنهن هڪ ۾ شامل ٿي وڃي. اهي سڀ مفروضا آهن، سڀ هڪ شي جيءِ چوڌاري ڦرن ٿا ۽ اُها آهي اليڪٽيبلز يعني چونڊ جي قابل فرد ۽ جماعتن جي وچ ۾ لاڳاپا. تنهنڪري سوال هي آهي ته هڪ اليڪٽيبل ڪڏهن ۽ ڪيئن اهو فيصلو ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن جماعت جي پليٽ فارم بدران آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻي آهي؟ اسان جي چونڊ نظام ۾ ڪامياب اميدوارن کي ابتدائي نتيجن جي اعلان کانپوءِ ڪنهن به جماعت ۾ شموليت جي اجازت هوندي آهي. حيرت جي ڳالهه ناهي ته اُهي ان جماعت ۾ شامل ٿين ٿا جيڪا حڪومت ٺاهڻ واري هوندي آهي. 2013ع ۾ آزاد اميدوار (فاٽا کي ڇڏي ڪري) 22 تڪن ۾ ڪامياب ٿيا جن مان صرف 3 کان علاوه باقي سڀني مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي. 2008ع ۾ کٽيندڙ 19 ڪامياب آزاد اميدوارن مان 9 پ پ پ ۾ جڏهن ته 2002ع ۾ 18 مان 16 ڪامياب آزاد اميدوارن مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪئي. اڪثريتي جماعتن لاءِ اهي رحمت ثابت ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته ان سان نه صرف جماعت جي سيٽن ۾ واڌ ٿي وڃي ٿي پر ان کي ملندڙ مخصوص سيٽن جو تعداد به وڌي وڃي ٿو. هر 9 عام سيٽون کٽڻ تي هڪ جماعت کي عورتن لاءِ 2 مخصوص سيٽون ملن ٿيون. تنهنڪري 2013ع ۾ جڏهن 19 ڪامياب آزاد اميدوارن مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت اختيار ڪئي، ته جماعت کي عورتن لاءِ مخصوص 4 سيٽون وڌيڪ ملي ويون ۽ ائين انهن جي سيٽن جي تعداد ۾ ڪُل 23 سيٽن جو اضافو ٿي ويو. گذريل 2 چونڊن ۾ ڪامياب آزاد اميدوارن صرف ان جماعت کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم ڪيو آهي جنهن وٽ اڳئي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل سيٽون موجود هيون پر 2002ع ۾ جيڪڏهن آزاد اميدوار مسلم ليگ (ق) ۾ شامل نه ٿين ها ته جماعت کي اڪثريت حاصل نه ٿئي ها ته ڇا ڪامياب آزاد اميدوار 2018 ۾ اهو ئي فيصلاڪن ڪردار ادا ڪندا جيئن ڪجهه ماڻهو چون ٿا؟ 2013ع ۾ آزاد اميدوار قومي اسيمبلي جي هر پنجن تڪن ۾ يا ته فاتح هو يا وري ٻئين نمبر تي. حقيقي انگن اکرن ۾ 2013ع ۾ اهڙا 56 تڪ هئا ۽ ان کان اڳ جي ٻن چونڊن ۾ ترتيبوار 46 ۽ 40. پر ان اهم موجودگي باوجود تڪن، اليڪٽيبلز ۽ آزاد اميدوار طور تي چونڊ وڙهڻ جي انهن جي فيصلي جي وچ ۾ ڪو واضح تعلق موجود نه آهي. اچو ڪجهه حقيقتن جو جائزو وٺون؛ صرف 2 اهڙا تڪ آهن جن کي گذريل 3 مان 2 چونڊن ۾ هڪ ئي آزاد اميدوار کي ڪاميابي ڏياري. ثمينه ڀروانه 2002ع ۽ 2008ع ۾ اين اي 90 جهنگ 5 مان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿي ۽ علي محمد مهر انهيءَ چونڊ ۾ اين اي 201ع گهوٽڪي 2 تان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيو. مهر 2013ع ۾ به ڪامياب ٿيو پر پ پ جي ٽڪيٽ تي، جڏهن ته ڀروانا 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي. ان کان علاوه قومي اسيمبلي جون صرف 4 ٻيون سيٽون اهڙيون آهن جن کي گذريل 3 مان 2 چونڊن ۾ آزاد اميدوار کي کٽرايو پر هر ڀيري ڪامياب اميدوار اڳ کان مختلف هو. تنهنڪري اهو واضح آهي ته شايد ئي اهڙا ڪي تڪ آهن جن کي آزاد اميدوارن کي کٽرائڻ جي ”عادت“ آهي ۽ اهڙا ڪي به اليڪٽيبلز نه آهن جيڪي پارٽيءَ سان الحاق بنا يقيني طور تي چونڊ کٽي سگهندا هجن. اليڪٽيبلز آزاد اميدوار طور تي وڙهڻ يا نه وڙهڻ جو فيصلو ڪنهن به چونڊ ۾ سياسي ماحول کي ڏسڻ بعد ئي ڪن ٿا. انهن لاءِ اهو اهم فيصلو مضبوط عوامي تاثر (يا مقامي ٻولي ۾ ”هوا“) جي ڪري آسان ٿي وڃي ٿو ته ڪهڙي جماعت ايندڙ حڪومت ٺاهيندي وري اُهي ان جماعت جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ قطار ۾ لڳي وڃن ٿا ۽ صرف تڏهن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهن ٿا جڏهن انهن کي اتان کان منع ڪيو وڃي، تنهنڪري انهن وٽ ان جماعت ۾ شموليت جو رستو ان صورت ۾ کليل رهي ٿو جڏهن امڪاني طور تي اُهو فرد ۽ اُها جماعت، ٻئي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وڃن. پر جيڪڏهن ”هوا“ ڪنهن مخصوص رُخ ۾ نه هلي رهي هجي، ته اليڪٽيبلز پاڻ کي ڪنهن مخصوص سياسي جماعت سان ڳنڍڻ ۾ هٻڪندي آزاد اميدوار طور وڙهڻ جو فيصلو ڪري سگهن ٿا. بظاهر موجوده حالتن ۾ انهن وٽ ائين ڪرڻ لاءِ سُٺا ڪارڻ موجود آهن ڇاڪاڻ ته سياسي پنڊتن هڪ تقسيم ٿيل مينڊيٽ ۽ هڪ اتحادي پارليامينٽ جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ڪوبه اليڪٽيبل شڪست کائيندڙ جماعت سان واڳيل نه رهڻ چاهيندو. وري ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جن تي اندروني اختلافن جي ڪري جماعت جو هٿ هٽي چڪو آهي. نين تڪ بندين جي ڪري به اليڪٽيبلز پنهنجي مستقبل جي حوالي سان غيريقيني ڪيفيت جو شڪار آهن. پراڻن تڪن جي ڪجهه حصن کي ملائي ڪري نيون تڪ بنديون ٺاهڻ جي ڪري گذريل ڀيري جا ڪامياب اميدوار هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن، ڀلي ئي اُهي هڪ ئي جماعت سان تعلق رکندا هجن. هاڻي جيئن ته انهن جي جماعت انهن مان صرف هڪ کي ٽڪيٽ ڏيندي، انڪري ٻئي کي بهرحال آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻي پوندي. اهي به اطلاع آهن ته کوڙ اليڪٽيبلز، خاص طور تي مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙن کي اسٽيبلشمينٽ سميت طاقت جي ٻين مرڪزن طرفان مجبور ڪيو پيو وڃي ته اُهي ڪجهه ضمانتن جي عيوض وفاداريون تبديل ڪن. حڪمران جماعت جي چونڊ مهم کي ختم نبوت جي مذهبي گروهن طرفان تشدد جو به خطرو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪري جماعت جا کوڙ اليڪٽيبلز ايندڙ چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهن. اليڪٽيبلز (electables) ماهرن جي اڳڪٿين ۽ ”ڳجهن مشورن“ کي اهميت ڏين ٿا پر اُهي ”هوا“ جو رخ يا عوامي رجحان ۽ پنهنجن ذاتي تجربن کي بلڪل نظرانداز نه ٿا ڪن. آزاد اميدوار طور وڙهڻ ڪڏهن به انهن جي پهرين چونڊ ناهي هوندي، ڇاڪاڻ ته ”پارٽي ووٽ“ تان هٿ ڌوئڻ اُهو خطرو آهي جيڪو آخر ۾ انهن تي ڳرو پئجي سگهي ٿو. 2013ع ۾ آزاد اميدوارن جي کٽيل سيٽن جو سرسري مارجن 13.201 هو جڏهن ته آزاد اميدوارن خلاف جماعت اميدوارن جو 32.758 هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته آزاد اميدوارن لاءِ جماعت جي نامزد ڪيل اميدوارن جي مقابلي ۾کٽڻ وڌيڪ مشڪل هو. پر 2002ع ۾ ٻنهي گروهن جي ڪاميابي جو مارجن هڪ جهڙو ئي هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته 2002ع ۾ ڀلي ئي ڪنهن اليڪٽيبل جماعت جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي هجي يا آزاد حيثيت ۾، ان سان ان جي مقابلي جي صلاحيت تي ڪو فرق نه پيو هو پر جڏهن ايندڙ 2 چونڊن ۾ جماعتي سياست مضبوط ٿي، ته جماعت جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهڻ جا واضح فائدا سامهون آيا. اشارا اهو چون ٿا ته سياسي جماعتن جون چونڊ مهمون هن ڀيري ويتر وڌيڪ تيز هونديون. خاص ڪري پنجاب ۾. انڪري جماعتن جي ووٽ بئنڪس ۾ واڌ ٿيندي ۽ آزاد اليڪٽيبلز جو شخصي داٻو ڪافي ڪمزور پئجي ويندو. تنهنڪري ڀلي ئي اليڪٽيبلز جو هڪ وڏو تعداد آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي، يا ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، پر ان جو ضروري مطلب اهو نه آهي ته اُهي وڏي تعداد ۾ ڪامياب به ٿيندا. ان صورتحال ۾ سينيٽ چونڊن ۾ جادو هلائيندڙن جا جوڙ ٽوڙ جا هنر ايندڙ حڪومت ٺاهڻ ۾ شايد ڪم نه اچن.