جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ايل او سي تي ڀارتي دهشتگردي جو گڏيل قومون نوٽيس وٺن

ايڊيٽوريل
ڀارتي فوج جي ورڪنگ بائونڊري جي رهائشي علائقي تي فائرنگ سبب ماءَ ٽن ٻارڙن سميت شهيد ٿي وئي، جڏهن ته فائرنگ ۾ 10 شهري به زخمي ٿي ويا، جوابي ڪارروائي ۾ ڀارتي فوجي سميت ٽي ڄڻا مارجي ويا، پاڪستان پاران ڀارتي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو، هلندڙ سال ڀارتي فورسز هڪ هزار 50 ڀيرا جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ 28 بيگناهه شهري شهيد ۽ 117 ڄڻا زخمي ڪري ڇڏيا. ڀارت دنيا جو اهو واحد ملڪ آهي، جتي امن امان جي اندروني صورتحال دنيا جي سڀني ملڪن کان خراب، اقليتن جي حقن تي ڌاڙا ۽ مذهبي جنونيت انتها تي پهتل آهي، مسلمانن سان ته هن ملڪ ۾ اڃا تائين ازل کان دشمني ختم ٿيڻ جو نالو نه ٿي وٺي، تنهن هوندي به پاڻ کي دنيا جي جمهوري ملڪن جو چئمپين سڏائڻ کان نٿو مڙي، هي دنيا جو واحد ملڪ آهي، جتي عورتن سان تذليل ۽ لڄ لٽ جا واقعا به دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ ٿين ٿا، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي ملڪ اخلاقي ڏيوالپڻي جو به شڪار آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا ۾ ڀارت اخلاقيات، انساني حقن، اقليتن سان ظلم، زيادتين جي واقعن ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنام آهي، ان کانسواءِ پاڙيسري ملڪن سان هروڀرون ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ سندس معمول بڻيل آهي، جنهن جو مثال ورڪنگ بائونڊري آهي، جتي هڪ هزار 50 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي، تازو سيالڪوٽ ڀرسان ورڪنگ بائونڊري جي هرپال، چاروا، باجرا، گڙهي، اکنور سيڪٽر ۽ ٻين علائقن تي ڀارتي فوج مارٽر گولن سان حملو ڪري ڏنو ۽ شيلنگ ۽ شديد فائرنگ سبب ماءَ ٽن ٻارڙن سميت شهيد ٿي وئي، جڏهن ته 10 شهري زخمي ٿي پيا، ڀارت کي ان حوالي سان ڪيترائي ڀيرا پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪري نقصان به گهڻو پهچايو آهي، پر هو پنهنجي هوڏ تان نٿو لهي، نه رڳو پنهنجا فوجي مارائي رهيو آهي پر جنگ بندي ٺاهه جي پڻ ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڪيترائي ڀيرا ڀارتي هاءِ ڪمشنر کي پاڪستان جي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويو آهي پر ڀارت پنهنجي هٺ ڌرمي، هوڏ ۽ غير اخلاقيت تان نه ٿو مڙي، هاڻي ته ڀارتي هاءِ ڪمشنر به پاڪستاني اختيارين کي هٿ ٻڌي ٿڪجي پيو آهي، پر مودي سرڪار بيگناهه ماڻهن کي ماري پنهنجي جنونيت ۽ وحشانيت ڏيکاري رهي آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڀارت ڏانهن هٿ وڌايو آهي پر ڀارت ان کي هميشه پاڪستان جي ڪمزوري سمجهي رد ڪيو آهي، پر هاڻي پاڪستان به ڀارتي فوج جي اهڙي ڪُڌي عمل جو منهن ٽوڙ جواب ڏي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڀارتي فوجي به ڪيترائي مارجي رهيا آهن ۽ ڀارت ۾ مودي سرڪار خلاف نفرت به وڌي رهي آهي، هڪ طرف والاريل ڪشمير ۾ مودي سرڪار ظلم ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف وري ايل او سي تي به بيگناهه ماڻهن تي گولا باري ڪري پنهنجي اصليت ڏيکاري رهي آهي. اسين ايل او سي تي ڀارتي فوج جي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيم کان مطالبو ڪنداسين ته هو مودي سرڪار جي ان جنونيت ۽ بربريت کي روڪڻ لاءِ پنهنجو سخت ردِ عمل ڏيکارين، ٻئي صورت ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ عمل ڪٿي خواب نه بڻجي وڃي.