جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ڪرينا ڪپور خان فلم ” وير دي ويڊنگ “ جي اشتهاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

ويب ڊييسڪ: ممبئي: ڪرينا ڪپور خان فلم ” وير دي ويڊنگ “ جي اشتهاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي . ڀارتي سڌ سماءِ جي ذريعن موجب ڪرينا ڪپور پنهنجي نئين فلم ” وير دي ويڊنگ “ جي اشتهاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي . فلم جي ڪاسٽ ۾ سواره باسڪر ، سونم ڪپور ، ڪرينا ڪپورخان ۽ شيڪا تلسانيا شامل آهن ،فلم جو هدايتڪار شاشنڪا گوش آهي . فلم پهرين جون تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي .