اربع 19 ڊسمبر 2018ء

ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن جو هڪ ٻيو اسڪينڊل: سريلنڪا ۾ ”وڪيٽ فڪسنگ“ جي سازش پڪڙجي پئي

ويب ڊيسڪ: ڪولمبو: ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن وڌيڪ هڪ اسڪينڊل سامهون آيو آهي سريلنڪا ۾”وڪيٽ فڪسنگ“ جي سازش پڪڙي وئي. ڊي ٽيلي گراف پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته گال اسٽيڊيم جي گرائونڊ اسٽاف سريلنڪا ۽ انلگينڊ جي وچ ۾ گذريل سال 6 نومبر تي ٿيندڙ ميچ لاءِ وڪيٽ فڪسنگ ڪرڻ جو يقين ڏياريو. رپورٽ موجب سازش ۾ اڳوڻي ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر رابن مورس ۽ گال اسٽيڊيم جو اسسٽنٽ مينيجر ٿرنگا انڊيڪا شامل آهن. واضح رهي ته ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر رابن مورس ممبئي جي طرفان ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي. ان باري ۾ هڪ انڊرڪور(ڳجهي) رپورٽر، بزنس مين جو روپ ڌاري گال اسٽيڊيم جي اسٽاف سان مليو ۽ ڳجهي نموني تي ساڻن ڳالهين جي ويڊيو پڻ ريڪارڊ ڪري ورتي. ڄاڻايل رپورٽر سوال ڪيو ته ڇا ٽيسٽ ميچ 4 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو؟ جنهن تي وڪيٽ فڪسر ٿرنگا انڊيڪا رپورٽر کي جواب ڏنو چار ڏينهن ڇا، اڍائي ڏينهن ۾ ئي ميچ ختم ڪري ڇڏينداسين. ڄاڻايل وڪيٽ فڪسر ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ گال ٽيسٽ جي وڪيٽ کي پڻ ”فڪس“ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، ان ميچ ۾ ڀارت 6 سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون هيون. ڊي ڊيلي گراگ مڪمل رپورٽ اڄ ڇنڇر ڏينهن تي نشر ڪئي ويندي، جڏهن ته عرب ٽي وي چينل”الحزيزه“ تي ان حوالي سان ڊاڪيومينٽري سڀاڻي آچر ڏينهن 27 مئي تي نشر ڪئي ويندي. ٻئي پاسي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل(آءِ سي سي) جو چوڻ آهي ته رپورٽ مڪمل طور تي منظرعام اچڻ بعد ئي معاملي جي جاچ ڪئي ويندي.