خمیس 21 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

اسپاٽ فڪسنگ جي رپورٽ ۾ حسن رضا جو نالو به سامهون اچي ويو

ويب ڊيسڪ: لاهور: ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ عرب ٽي ويو جي ”وڪيٽ فڪسنگ اسڪينڊل“ بابت رپورٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي بيٽسمين حسن رضا جو نالو پڻ سامهو آيو آهي. عرب ٽي وي الجزيره جي رپورٽر اسپاٽ فڪسنگ بابت اسٽنگ آپريشن ڪيو جنهن ۾ ڀارت سان واسطو رکندڙ ميبينا فڪسر، رپورٽر ۽ اڳوڻي پاڪستان ڪرڪيٽر حسن رضا کي ڏسي سگهجي ٿو. حسن رضا کي مبينا فڪسر اڳوڻي ڀارتي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر رابن مورس سان گڏ فلمبند ڪيو ويو آهي، جڏهن اڳوڻو قومي ڪرڪيٽر ان ڳالهه ٻولهه ۾ سڌو سنئون شريڪ نه ٿيو پر فڪسر ڄاڻايل حڪمتي عملي دوران مثال جي طور تي حسن جو نالو کنيو. ميبنا فڪسر رابن مورس اسٽنگ آپريشن ڪندڙ رپورٽر کي ميچ فڪسنگ جو يقين پڻ ڏياريو. ان حوالي سان جاري ڪيل ويڊيو بابت باضابطه رابطو ڪرڻ تي حسن رضا ڪو به جواب نه ڏنو . ٻئي پاسي ڪرڪيٽ جي عالمي اداري آءِ سي سي رپورٽ جي مڪمل منظر عام تي اچڻ بعد معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. گذريل ڏينهن منظر عام تي آيل ان ويڊيو ۾ گرائونڊ اسٽاف کي سريلنڪا ۽ انگلينڊ وچ ۾ نومبر ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ميچ لاءِ ”وڪيٽ فڪسنگ“ ڪرائڻ بابت يقين ڌياني ڪرائيندي ڏيکاريو ويو آهي. ويڊيو ۾ وڪيٽ فڪسر ٿرنگا انڊيڪا ڀارت ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ گال ٽيسٽ جي وڪيٽ پڻ”فڪس“ ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.