جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

آغا نور محمد پٺاڻ
19 مئي 2018ع تي آخرڪار پاڪستان تي ڪشن گنگا ڊيم جو افتتاح ڪري سنڌو طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي پاڪستان جي زرعي معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ واٽر بم هنيو آهي. 2007ع ۾ هن ڊيم جي تعمير جو آغاز ڪيو ويو جنهن متعلق پاڪستان سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي وئي. ان وقت ڊڪٽيٽر جنرل مشرف جي حڪمراني هئي ۽ جڏهن 2009ع ۾ هن ڊيم جو بنياد رکيو ويو ته پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت هئي. سنڌو طاس معاهدي جي آرٽيڪل نمبر 3 مطابق ڀارت کي چناب، جهلم ۽ سنڌو درياهن جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڊيم تعمير ڪرڻو نه هيو پر هن پاڪستان جي ڪمزور خارجه پاليسن جو فائدو وٺندي هڪ ٻئي جي پٺيان انهن دريائن تي 120 ڊيم ٺاهيا آهن جيڪي اسان جي لاءِ هڪ وڏو انساني مسئلو بڻيا آهن. اسان اڳئين سال پنهنجي دوست عبدالنبي ميمڻ سان گڏ آزاد ڪشمير جي آءِ جي پوليس بشير ميمڻ صاحب جي گھر ۾ ترسيا هياسين ته اتي ڪجھه دانشورن ۽ صحافين سان ملاقات جي دوران اسانکي خبر پئي ته نيلم جهلم هائڊرل پاور پراجيڪٽ پاڪستان لاءِ وڏو اهم بجلي جو ذريعو آهي پر ڀارت پاران ڪشن گنگا پروجيڪٽ ٺهڻ سان پاڪستان ۾ هي پراجيڪٽ پاڻي جي غير موجودگي جي ڪري تباهه ٿي ڪري واري جو ڍير بڻجي ويندو.چون ٿا ته اُٺن ان وقت روئڻ شروع ڪيو جڏهن ٻورا پيا سبجن.اسانجي سنڌ جي آبپاشي جي ماهر انجنيئرن ايس ڪي بلوچ، عبدالرشيد شيخ، عبدالوهاب شيخ، اي جي اين عباسي ان وقت ئي آهون ۽ دانهون ڪيون هيون جڏهن ايوب خان جي مارشل لا واري دور ۾ سنڌو طاس معاهدو ڪيو ويو ۽ سوا ٻه ارب روپين ۾ پنجاب جا 3 دريا هندستان کي وڪرو ڪري تربيلا ڊيم ٺاهيو ويو. انهن ڏينهن ۾ اسانجو ايس ڪي بلوچ ويسٽ پاڪستان ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ سنڌ پاران چيف انجنيئر پنهنجو اختلافي نوٽ لکي ان منصوبي جي مخالفت ڪئي هئي ۽ پوءِ وري ”پاڻيءَ منجھه پساهه“ ڪتاب به لکيو. جنهن ۾ هن اهو ٻڌايو هيو ته هي معاهدو هڪ سامراجي سازش جي تحت پاڪستان جي صوبن کي پاڻي جي مسئلي تي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪندو. ڇاڪاڻ ته جڏهن پنجاب جا 3 درياءَ خشڪ ٿي ويندا ته اهو سڄو وزن درياءِ سنڌ تي پوندو پر ان وقت جي ڊڪٽيٽر حڪمرانن ۽ پنجاب جي بيوروڪريسي سندس هڪ به نه ٻڌي ۽ کيس ميٽنگ کان ٻاهر ڪڍي معاهدي تي دستخط ڪئي وئي. ان کان پوءِ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شروع ٿي آهي جيڪا اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هئي، سنڌ جون ڍنڍون ڍورا ۽ واهه مٺي پاڻي سان هميشه آباد رهندا هيا ۽ سنڌو درياءَ مال برداري جي ٽرانسپورٽ لاءِ به هڪ بهترين ذريعو هيو. اسان اُهي ٻيڙيون سکر، گھوٽڪي، ديره غازي خان، ملتان ۽ ديره اسماعيل تائين ماڻهو ۽ مال کڻندي ايندي ويندي ڏٺيون ۽ سکر شهر ۾ ٻيڙين جا پتڻ 1960ع تائين آباد هيا پر پوءِ اهو سلسلو رڪجي ويو ۽ ان جي مقابلي ۾ جڏهن ٻوڏون آيون به ته ان پاڻي کي ذخيري ڪرڻ لاءِ اسان وٽ متبادل ڊيم سنڌ ۾ ٺاهي نه سگھيا آهيون. سابق صدر آصف زرداري صاحب سنڌ ۾ 300 ننڍن ڊيمن ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جيڪا پوري نه ٿي سگھي. خود اسان وٽ ڍنڍن ۽ ڍورن جي صورت ۾ منڇر کان وٺي هاليجي ۽ ڪينجهر تائين جيڪي ڍنڍون آهن، اهي خود وڏا ڊيم به ٿي سگھن ٿا پر منڇر پاڻ زهريلي پاڻي سان ڀرجي وئي آهي. نواز شريف جي 5 سالن جي دور حڪومت ۾ پاڪستان جو ڪوئي مستقل پرڏيهي وزير ڪو نه هيو. هو سڀ ڪجھه پاڻ هيو. 2007ع کان ڀارت ان منصوبي تي ڪم ڪري رهيو هيو ته هنن انهن تي ڪو ڌيان نه ڏنو. هنن کي فقط پنهنجا ميٽرو جا منصوبا ياد هيا. سڀ کان وڏو الميو هي آهي ته طاقتور ملڪ وڏيرن وانگر ننڍن ڪمزو ملڪن جو پاڻي روڪن ٿا ۽ هن وقت دنيا جا 250 دريا چند وڏن ملڪن جي ڪنٽرول ۾ آهن. اهڙوئي عمل پاڪستان جي زرعي زمين کي خشڪ ڪرڻ لاءِ اسانجو پاڙيسري ملڪ ڊيمن جي صورت ۾ پاڻي جا بم هڻي اسانجي دريائن کي خشڪ ڪرڻ جو پروگرام رکي ٿو. اسانجي ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي جو دارو مدار دريائن جي پاڻي تي آهي ۽ سنڌ جو ته 90 سيڪڙو دارو مدار درياءِ سنڌ جي پاڻي تي آهي. انهن ڊيمن جي ٺهڻ سان زير زمين پاڻي ڪوڙو ۽ زهريلو ٿي چڪو آهي. هاڻي پاڪستان جي دريائن جي پاڻي ۾ 90 فيصد ڪمي اچي چڪي آهي. ستلج، بياس ۽ راوي ته مڪمل طور تي بند آهن. بارسلونا ڪنوينش 1921ع جي قانون مطابق وهندڙ دريائن جو پاڻي روڪڻ يا انهن جو رُخ موڙڻ جو ڪنهن به ملڪ کي حق حاصل نه آهي. خاص طور تي اُهي دريا جيڪي هڪ ملڪ کان ٻي ملڪن جي سرحدن ۾ وهن ٿا پر ڀارت جي مودي سرڪار کي ان ڳالهه جي ڪا به پرواهه ڪانهي. 2009ع کان اهو ڪم شروع ڪري انهن 19 مئي 2018ع تي آخرڪار 9 سالن ۾ ڪشن گنگا ڊيم جو افتتاح ڪيو. انهن 9 سالن جي دوران اسانجي سياستدانن،سگھارين قوتن ۽ ميڊيا وارن مجرماڻي غفلت جو مظاهرو ڪيو.سنڌو طاس معاهدي تحت 3 اوڀر وارا دريا راوي، ستلج ۽ بياس ڀارت لاءِ ۽ 3 اولهه طرف وارا دريا سنڌو، جهلم ۽ چناب جي وهندڙ پاڻي تي پاڪستان جو حق مڃيل آهي ۽ هي درياءَ والاريل ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کان اچن ٿا. ڪشن گنگا ڊيم 6 هزار ڪروڙ روپين جي وڏي رقم سان نيلم نديءَ تي ٺاهيو ويو آهي جنهن سان ڀارت کي 330 ميگا واٽ بجلي ملندي. جنهن ۾ 29 ڪلو ميٽر هڪ وڏي چُر (Tunnel)ٺاهي نيلم دريا جي پاڻي جو رُخ موڙيو ويو آهي. جنهن سان 4 لک ماڻهن جي زندگي جو روزگار وابسته آهي ۽ پاڪستان کي 140 ملين ڊالر جو نقصان ٿيندو، اسانجي ندين ۾ 27 سيڪڙو پاڻي گھٽجي ويندو، پاڪستان جي نيلم جهلم هائڊرو پاور جي صلاحيت 20 سيڪڙو گھٽجي ويندي جنهنجي اسان پنهنجي بجلي جي بلن ۾ هر مهيني 10 پئسا هڪ يونٽ ۾ ادائيگي ڪندا اچون ٿا ۽ هن مهل تائين 500 بلين روپيا خرچ ڪري چڪا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي جو اڃا تائين اهو پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ان کي بيڪار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي چڪي آهي. 2007ع ۾ جڏهن ان منصوبي تي ڪم شروع ٿيو هيو ان وقت جي حڪمرانن ڪوئي سنجيده قدم نه کنيو ۽ 2011ع ۾ پاڪستان عالمي عدالت ۾ غير موثر طريقي سان ڪيس وڙهيو پر ان منصوبي کي روڪرائي نه سگھيو. 2013ع ۾ عالمي عدالت ڀارت کي پاڻي جو رخ موڙڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي جنهن ۾ واضح طريقي سان ججن اها ڳالهه لکي ته پاڪستان جي حڪومت پاڻي جي متوقع زرعي استعمال جي حوالي سان ڪي انگ اکر ئي پيش نه ڪيا آهن ۽ اسانجا واٽر ڪمشنر جماعت علي شاهه پارا فقط اتي سير و تفريح ڪرڻ ويندا هيا ۽ انهن جي وڃڻ تي 3 سالن اندر 57 ڪروڙ 60 لک روپيا هوائي جهاز جي ٽڪيٽن، هوٽلن ۽ کاڌي خوراڪ تي خرچ ٿيا، ٻن غير ملڪي وڪيلن کي 450 پائونڊ ۽ 750 ڊالر في ڪلاڪ جي حساب سان فيس ادا ڪئي وئي پر پوءِ به هنن ڪيس هارايو.اسانجو آبپاشي جو مخلص انجنيئر ادريس راجپوت ۽ سنڌ آباد گاربورڊ جو سربراهه عبدالمجيد نظاماڻي رڙيون ڪندا رهيا پر هنن جي ڪنهن به نه ٻڌي. ان ڪيس هارائڻ سان پاڪستان جي وڏي ناڪامي جي صورت ۾ پاڻي جي بحران جو بنياد رکيو ويو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ان موضوع کي نه ميڊيا کنيو ۽ نه وري ڪنهن اپوزيشن ليڊر آواز اٿاريو، هاڻي هندستان اسان سان هٿيارن جي جنگ بدران پاڻي جي جنگ وڙهي رهيو آهي. جيئن پاڪستان کي سوماليا، ايٿوپيا ۽ راونڊا وانگر سحرا ۾ تبديل ڪيو وڃي. بقول شاهه لطيف ڀٽائي رحه پاڻي مٿي جهوپڙا، مورکَ اُڃ مرن، ساهان اوڏو سپرين اچئون تان نه لهن، دم نه سڃاڻن، دانهون ڪن مُٺَن جان. aghanoorm55@gmail.com