خمیس 21 جون 2018ع

اڄ جي اخبار


سوڀ جا مک مضمون


نواز شريف جو 2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جي دعويٰ جو ڇا ٿيو؟

چيني ماڊل ۽ پاڪستان

ٽرمپ اتر ڪوريا سان ٻيهر ڳالهين ڪرڻ لاءِ راضي

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ڪشن گنگا ڊيم، پاڪستان لاءِ واٽر بم

شوبز جون خبرون


ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور اداڪار جميل فخري جي 7 ورسي ملهائي وئي
Generic placeholder image
رنوير سنگهه جي ڀارتي گاني” ليلا مين ليلا “ تي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊي تي وائرل
Generic placeholder image
فلم ”ٽوالٽ ايڪ پريم ڪٿا “چين ۾ 8 جون تي ريليز ڪئي ويندي
Generic placeholder image
اداڪاره ميرا عتيق الرحمان جي گهر واري آهي، عدالت 9 سالن کان پوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
Generic placeholder image
سلمان خان، انيل ڪپور، جيڪولين فرنينڊس جي فلم ” ريس 3“ جي ممبئي ۾ اشتهاري مهم
Generic placeholder image

سوڀ ميڊيا گروپ

ايس بي سي اي جي 11 سؤ ملازمن جون نوڪريون بچائڻ وارو واکاڻ جوڳو قدم

ايڊيٽوريل
سنڌ اسيمبليءَ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 11 سؤ کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪريءَ کان نيڪاليءَ کان بچائڻ لاءِ ٺهراءَ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته هندو ترميمي ميريج بل ۽ ڊاڪٽرن کي پڪو ڪرڻ جي بل جي پڻ اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، اسيمبليءَ اجلاس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي احتجاج جي نشاندهي ڪندي مير نادر مگسي چيو ته ڇا اسان حڪومت جي پڄاڻيءَ تي روزگار کسينداسين، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملازمن کي سنڌي هجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، اهڙي طرح نثار کهڙي اسيمبليءَ ۾ ٺهراءَ منظور ڪري اهڙن ملازمن کي نوڪري کان نيڪالي ڏيڻ کان بچائي ورتو، ساڳي طرح هندو ميريج بل ۽ ڊاڪٽرن کي پڪو ڪرڻ جو بل منظور ڪيو ويو. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت جڏهن به اقتدار ۾ ايندي آهي ته سوين نوجوانن کي ننڍيون يا وڏيون نوڪريون ڏئي روزگار سان ضرور لڳائيندي آهي، هن ڀيري به هن پوري پنجن سالن دوران سنڌ ۾ هزارين ماڻهن کي نوڪريون مليون آهن. نه رڳو نوڪريون مليون آهن پر اسيمبلي ذريعي ڪيترن ڪچن ملازمن کي پڪو به ڪيو ويو آهي ۽ هزارين غريب مسڪينن جي گهرن مان فاقا ختم ڪيا آهن. ساڳئي طرح سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ملازمن جو جيڪو پراڻو ۽ اهم مسئلو هو، سو به گذريل ڏينهن اسيمبليءَ جي ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڏينهن اڳ حل ڪري ڄڻ ته انهن 11 سؤ ملازمن جون دليون کٽي ورتيون آهن، اهي ڪهڙي طرح ڀرتي ٿيا ۽ ڪيئن ڀرتي ٿيا، اهو الڳ مسئلو آهي پر هڪ روزگار تي لڳل ماڻهو کي بيروزگار ڪرڻ ڄڻ ته ڪنهن کي قتل ڪرڻ برابر آهي. خاص طور هن مهانگائيءَ جي دور ۾ بيروزگاري هڪ وڏي لعنت آهي. جنهن جو اندازو هڪ بيروزگار نوجوان ئي لڳائي سگهي ٿو، پيپلز پارٽي ويندي ويندي انهن 11 سؤ ملازمن کي پڪي ڪرڻ لاءِ ٺهراءَ منظور ڪري وڏو ثواب ڪمايو آهي. جيڪڏهن اهي 11 سؤ ملازم حڪومت جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ائين ئي بي يارو مددگار بڻجي وڃن ها ته اهو گناهه حڪمرانن تي توڪ بڻجي وڃي ها، پر پيپلز پارٽي جيئن ته هڪ جمهوري ۽ عوامي پارٽي آهي ۽ ان معاملي کي نهايت ئي خوش اصلوبيءَ سان نڀائي وڏو اهم ڪم ڪيو آهي. گڏو گڏ هندو ميريج بل ۽ ڊاڪٽرن کي پڪي ڪرڻ جو بل منظور ڪري به وڏو ڪم ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هندو ميريج بل ڪافي وقت کان التويٰ جو شڪار هو، اهڙي بل جي منظوري ڏئي، هندو برادريءَ سان به پيپلز پارٽي پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. رهيو سوال ڊاڪٽرن جي پڪي ڪرڻ جو ته انهن جي پڪي ٿيڻ سان سنڌ ۾ اڳ ئي ڊاڪٽرن جي کوٽ هئي، انهن جي پڪي ٿيڻ سان اها پوري ٿي ويندي. خاص طور ٿر ۾ هن وقت حالت نهايت ئي خراب آهي ۽ اتي ڊاڪٽرن جي اشد ضرورت آهي، سنڌ حڪومت ڊاڪٽرن کي پڪي ڪرڻ جو بل منظور ڪري ڄڻ ته بهتر ڪم ڪيو آهي. اسان سنڌ اسيمبليءَ جي اهڙي ڪارنامي تي اسيمبلي ميمبرن خاص طور پيپلز پارٽي جي پاليسيءَ کي ساراهيون ٿا، جن هڪ طرف سوين ماڻهن کي بيروزگاريءَ کان بچائي پنهنجو جمهوري ڪردار ادا ڪيو آهي.