جمعو 17  آگسٽ 2018ع

سنڌي ٻولي پڙهائڻ کان محرومي ڇو؟

ستار پيرزادو
هن ڀيري حڪومت سنڌ تعليم طرف ڪجھه ڌيان ڏنو آهي.جنهن ڪري سنڌ جي ڪجھه شهرن ۾ پرائمري، سيڪنڊري اسڪول ۽ ڪي ڪاليج ۽ يونيورسٽيون پڻ ٺاهيون اٿن. تنهن هوندي به تازن اطلاعن موجب ڪيترن ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙين جا اسڪول خاص ڪري پرائمري ۽ مڊل اسڪول بند به پيا آهن، جيڪي حڪومت جو تعليم کاتو کولرائي نه سگيو آهي ۽ ڪيترائي گوسڙو ماستر بنا ڊيوٽين جي پگھارون کڻي رهيا آهن، ۽ لکين شاگرد اسڪولن ۾ غير حاضر رهندا اچن. تنهن هوندي به حڪومت پاران هي قدم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي، جو هنن حيدرآباد جي شهر کي هڪڙي يونيورسٽي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. اها يونيورسٽي حيدرآباد ۾ قائم ڪاري موريءَ جي ڪاليج، جنهن جي جڙئي هڪ سؤ سال ٿي ويا آهن، ان کي مٿاهون درجو ڏئي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي. ان ڪاليج کي يونيورسٽي بڻائڻ جو سنڌ اسمبليءَ مان بل به پاس ٿي چڪو آهي. ٻئي طرف سنڌ اسمبلي بجيٽ به پاس ڪري ڇڏي آهي،ان بجيٽ ۾ پڪ ئي پڪ ڪاري موري يونيورسٽيءَ لاءِ پڻ رقم رکي هوندي.اها يونيورسٽي حيدرآباد شهر ۽ ضلعي لاءِ پڻ نيڪ ڦال ٿي اڀرندي.جو حيدرآباد ۽ ان جي اوس پاس جي شاگردن جي ڄام شورو وڃڻ کان جان بچي پوندي. هي دؤر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دؤر آهي، جنهن ۾ اسان جي نوجوان نسل کي اهڙي تعليم جي ضرورت آهي، جيڪا سؤ سيڪڙو تجرباتي هجي. ظاهر آهي ته تجربو ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڄاڻ به لازمي آهي، پر دنيا کي نظر ۾ رکندي اسان انتهائي پوئتي پيل آهيون. انهيءَ ڪري حيدرآباد واري يونيورسٽيءَ ۾ اهڙا شعبا کوليا وڃن، جن جي تجربن مان اسان جي ملڪ ۽ سنڌ جي اهڙين گھرجن جي پورائي ٿئي، جيڪي اسان اڄ به ٻاهرين دنيا کان حاصل ڪري رهيا آهيون. هي دؤر نيوڪليائي انرجي ۽ سولر انرجيءَ جو آهي، ۽ اسان جو ملڪ ان ڏس ۾ اڃان ڪا به اڳڀرائي ڪري نه سگھيو آهي، انهيءَ جي سببن جي ڄاڻ حاصل ڪري، انهن جو پورائو ڪرڻ به حڪومت جو ڪم آهي۽ انهن هنرن جي موجودگي ڪري ڏيڻ به حڪومت جي ذميواري آهي، تنهن ڪري اسان جي پاران حڪومتي اقتدار ڌڻين کي وينتي آهي ته ان طرف خاص ڌيان ڏين ته ڏاڍو چڱو. اسان جي ملڪ جي زمين ۽ پهاڙن جي هيٺان جيڪي خزانه لڪل آهن، جيڪي اسان جي ملڪ کي قدرت عطا ڪيا آهن، اسان پاڻ ان مان سڌو سئون لاڀ حاصل ڪرڻ بجاءِ، انهن جا ٺيڪا ڌارين قومن کي ڏئي ٿا ڇڏيون.اهي اسان جا ڪيترا خيرخواهه ثابت ٿيندا يا ٿيا آهن، هر ڪنهن کي اول پنهنجا ئي مفاد پيارا هوندا آهن، ۽ انهن جي حاصلات ۽ ڪمائيءَ مان ڪو حصو اسان کي ٿورائتي نموني ڏيندا آهن، ته اسان هڪڙي ٻار جيان ، پائلي يا ٻياني ملڻ تي خوش ٿي کڳيون هڻندا آهيون. اسان جي اقتدار ڌڻين کي ان ڳالهه تي سوچڻ گھرجي، ته اها سڀ جي سڀ دولت جيڪڏهن اسين پنهنجي هٿن سان پاڻ حاصل ڪريون ته جيڪر اسان ڪنهن به قوم يا ملڪ جا ڳيجھو نه بڻجون. ٻيو ته اسان جي اها سموري دولت اسان جي ملڪ ۾ اسان جي عوام تي ئي خرچ ٿئي ته جيڪر اسان جون سموريون بدحاليون ختم ٿي وڃن. ڪجھه ڏينهن اڳ دوست اشرف کهاوڙ، سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جي ڪراچي يونٽ جي صدر پاران فيس بوڪ تي سنڌ جي وزيرِ اعليٰ کي هڪ معدبانه اپيل، هڪ خط جي صورت ۾ ڇپي آهي،جيڪا منهنجي نظر مان ته گذري آهي، باقي سنڌ جي وزيرِ اعليٰ، وزيرِ تعليم، سيڪريٽري تعليم، سنڌ جي چيف سيڪريٽري، سنڌ مدرسي ۽ لياري يونيورسٽين جي وائيس چانسيلرس ۽ ڊينز فيڪلٽي آف آرٽس جي نظر مان گذري به آهي الائي نه؟ اها اپيل هئي ته سنڌ مدرسي يونيورسٽي ۽ لياري يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ جا شعبا کوليا وڃن.واقعي اها ته بيحد افسوس جي ڳالهه آهي، سنڌ مدرست الاسلام، اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج، سنڌ جي اهڙن شاگردن جي لاءِ محترم حسن علي افنديءَ کوليو هو، جي خاص ڪري گھٽ پئسو هجڻ جي ڪري علي ڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ جي لاءِ وڃي نه سگھندا هئا.هن سنڌ جي مخير حضرات کان گھر گھر، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر مان پاڻ وڃي چندا گڏ ڪري، ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي برداشت ڪري به پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ماڻي ته جيئن سنڌي عوام جو اولاد تعليم جي زيور سان جھنجھجي وڃي.ان اسڪول کي سنڌ حڪومت يونيورسٽيءَ جو درجو ته ڏنو پر افسوس جو ڪنهن جي ۽ ڪهڙن دٻاون جي ڪري اتي سنڌي شعبو ئي نه کوليو ويو.هن اسڪول ۽ ڪاليج مان سنڌ جا ڪيترا ئي نسل تعليم پرائي دنيا ۾ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري چڪا آهن.ان سان گڏ ڪيترائي اديب دانشور هن اسڪول مان سنڌي تعليم سان گڏ انگريزي تعليم به پرائي ادبي دنيا ۽ ادبي تاريخ ۾ به پنهنجو نالو سونهري لفظن ۾ لکرائي چڪا آهن .قائدِاعظم محمد علي جناح کان محمد ابراهيم جويو تائين، انهن نه صرف سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ ئي جاکوڙيو،پر هن ملڪ پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ، سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ نمايان ڪارڪردگيون سرانجام ڏنيو آهن.ڇا اهي سڀ سنڌي نه هئا، ۽ انهن ابتدائي کان اعليٰ تعليم تائين سنڌي ٻولي نه پڙهي هئي.اسان جي ملڪ ۾ اڪثريت انهن ڏاهن جي آهي، جن ابتدا کان وٺي اعليٰ تعليم تائين سنڌي پڙهي ۽ پوءِ ئي اهي ڪنهن عهدي تي پهتا هئا.اهو يقين سان چئي ٿو سگھجي ته انهن پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ ئي تعليم حاصل ڪئي هئي.ان لاءِ اسان پڻ هن ڪالم وسيلي اقتدار ڌڻين کي اها وينتي ڪنداسون ته خدارا سنڌي ٻولي ۽ شاگرد طبقي تي رحم ڪري، انهن ٻنهي يونيورسٽن ۾ سنڌيءَ جا شعبا کلڻ جو جلد کان جلد اعلان ڪري سنڌي ماڻهن ۽ شاگردن کي ان بيچينيءَ مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي. اهو ٻار ئي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي سگھي ٿو جيڪو بنيادي تعليم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ پڙهي ٿو. پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم پرائڻ ڪو گناهه ناهي. ڳالهه آهي سمجھڻ جي، جيستائين ٻار ڪنهن جملي، مضمون کي چڱي نموني نه ٿو سمجھي سگھي تيستائين هو اڳتي نه ٿو وڌي سگھي. رٽي ۽ ڌڪي ڌوڻي تي حاصل ڪيل تعليمي ڊگري ڪنهن به ٻار جي مستقبل لاءِ لاڀائتي ثابت نه ٿي ٿي سگھي. سرڪار کي گھرجي ته يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا کولي سنڌي پڙهڻ کي لازمي قرار ڏنو وڃي. Sattar_pirzada@yahoo.com