اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪراچي ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت جي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪراچي ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو ويو، ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ 5 هزار 572 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ آفيسر مقرر ڪيا ويا هئا، جلوس جي گذر وارن رستن کي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو، سيڪيورٽي جا به غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن، حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت جي مناسبت سان مرڪزي ماتمي جلسو نشتر پارڪ مان برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي روائتي رستن ايم اي جناح روڊ کان تبت سينٽرن لائيٽ هائوس، بولٽن مارڪيٽ کان ٿيندو امام بارگاهه ايرانيان حسينيان تي ختم ٿيو. جلوس جي نگراني لاءِ رينجرز اهلڪار به مقرر ڪيا ويا، جلوس جي رستن ۾ ايندڙ 803 عمارتن کي سيل ڪيو ويو، ڪراچي جي سڀ کان وڏي موبائل مارڪيٽ، تاج ڪمپليڪس، ناز پلازه، تبت سينٽر ۽ ٻين شاپنگ سينٽرن کي پڻ بند رکيو ويو، هوڏانهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت جي حوالي سان ننڍا وڏا ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون ويو جن کي نالي وارن عالم سڳورن پڻ خطاب ڪيو، ٻئي پاسي يوم علي جي موقعي تي ڪنهن به امڪاني دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ شهر ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلھه سواري تي پابندي هئي.