اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

تحريڪ انصاف اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، عمران خان 5 تڪن تان چونڊ وڙهندو

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جولاءِ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب عمران خان قومي اسيمبلي جي 5 سيٽن تان اليڪشن وڙهندو. پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي 173 اميدوارن ۽ صوبائي اسيمبلين جي 290 اميدوارن جي چونڊ فهرست جاري ڪري ڇڏي. پي ٽي آءِ طرفان جاري چونڊ فهرست موجب پارٽي چيئرمين عمران خان ڪراچي، لاهور، اسلام آبا ، بنون ۽ ميانوالي مان چونڊن ۾ حصو وٺندو. عمران خان ڪراچي مان اين اي 243، اين اي 65 بنون، اين اي 53 اسلام آبا ، اين اي 95 ميانوالي ۽ اين اي 131 لاهور مان اليڪشن وڙهندو. شفقت محمود اين اي 130 لاهور، اسد عمر اين اي 54 اسلام آباد، شاهه محمود قريشي اين 153 ملتان ۽ سندس پٽ زين قريشي اين اي 157 ملتان مان چونڊن ۾ حصو وٺندو. خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ اين اي 25 نوشهره ۽ اسد قيصر اين اي 18 صوابي مان چونڊ وڙهندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي ترجمان فواد چوڌي اين اي 67 جهلم مان چونڊ وڙهندو جڏهن ته ابرار الحق اين اي 78 نارووال ۽ عثمان ڊار اين اي 73 سيالڪوٽ مان اليڪشن وڙهندو. ڊاڪٽر عارف علوي اين اي 247 ڪراچي ۽ علي زيدي اين اي 244 ڪراچي مان اليڪشن وڙهندو. لياقت علي جتوئي اين اي 234 دادو ۽ سردار يار محمد رند اين اي 260 نصير آباد/جهل مگسي مان چونڊ وڙهندو.