جمعو 17  آگسٽ 2018ع

ٽرمپ ۽ ڪم جونگ ان وچ ۾ تاريخي ملاقات جي پڌرائي جاري

ويب ڊيسڪ: سنگاپور: سنگاپور ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ اُن جي وچ ۾ ٿيندڙ پهرئين ۽ تاريخي ملاقات جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. عالمي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ۽ اتر ڪوريا جي سربراهه وچ ۾ سنگاپور جي خوبصورت جذيري سينٽاسو جي خوبصورت هوٽل ۾ 48 منٽن جي تاريخي ملاقات جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پيپلز ري پبلڪ آف ڪوريا جي چيئرمين ڪم جونگ اُن وچ ۾ 12 جون 2018ع تي سنگاپور ۾ پهرئين ۽ تاريخي ملاقات ٿي. ٻنهي مخالف اڳواڻن جي وچ ۾ هڪ نئين، مضبوط ۽ مربوط لاڳاپن لاءِ گڏيل، مخلصاڻن ۽ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته جيئن جذيري نما ڪوريا ۾ پائيدار ۽ مستحڪم امن قائم ڪرڻ جي بنياد رکي سگهجي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪم جونگ اُن کي اتر ڪوريا جي سالميت کي پيش ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تحفظ جي ضمانت ڏني جنهن جي جواب ۾ ڪم جونگ اُن آمريڪي صدر کي جوهري پروگرام جي مڪمل خاتمي جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته گڏيل خوشگوار لاڳاپن اتر ڪوريا ۽ دنيا جي امن لاءِ نهايت ڪارگر ثابت ٿيندا. ملاقات جي دوران ٻنهي اڳواڻن چئن نقطن تي اتفاق ڪيو. پنهنجي پنهنجي ملڪ جي عوام جي اميدن ۽ خوشحالي کي نظر ۾ رکندي امن ۽ استحڪام لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي سربراهن هڪ نئين ۽ مستحڪم لاڳاپن جو عزم ڪيو آهي. جذيري نما ڪوريا ۾ پائيدار ۽ مستحڪم امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ اتر ڪوريا گڏيل جدوجهد ڪندا. اتر ڪوريا هلندڙ سال 27 اپريل تي جاري ٿيندڙ پنمجوم پڌرائي تي عملدآمد کي يقيني بڻائيندي جذيري نما ڪوريا کي جوهري هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جون ڪارآمد ڪوششون ڪندو. آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جنگ جي دوران اسير ۽ گم ٿيندڙ ماڻهن جي ڳولا ۾ سنجيدا ڪوششون ڪندا ۽ جن جي سڃاڻپ ٿي وڃي انهن کي فوري طور تي ملڪ واپس موڪليو ويندو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اها تاريخي ملاقات ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڏهاڪن کان جاري ڇڪتاڻ ۽ دشمني کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. طئه ٿيندڙ معاملن تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ آمريڪا ۽ پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو اتر ڪوريا جي لاڳاپيل اعليٰ اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ رهندا ۽ جلد ٻنيه ملڪن جي اهم اختيارين طرفان ان حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.