سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ گوڙ: اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي گهرائي ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ هنگامي آرائي جي معاملي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر يوسف خٽڪ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي گهرائي ورتو، اليڪشن ڪمشنر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اليڪشن اچي رهي آهي سيڪيورٽي جي صورتحال بهتر ناهي، سيڪيورٽي وڌائي وڃي. آءِ جي سنڌ صوبائي اليڪشن ڪميشن سميت ٻين اليڪشن آفيسن تي سڪيورٽي وڌيڪ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو اڳتي اهڙو واقعو پيش آيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.