اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

رمضان المبارڪ جي عيد واري موقعي تي سنڌ ۾ 29 هزار 826 اهلڪار ۽ آفيسر ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رمضان المبارڪ جي عيد واري موقعي تي سنڌ ۾ 29 هزار 826 اهلڪار ۽ آفيسر ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا. ڪراچي ۾ 13 هزار 186 اهلڪارن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون. آءِ جي سنڌ پاران سيڪيورٽي پلان تي عمل ڪرڻ لاءِ سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايتون جاري ڪيون ويون. آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي سمورين مسجدن، امام بارگاهن ۽ عيدگاهن سميت عيد نماز جي جاين تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن. عيد نماز کان اڳ سوئيپنگ ۽ ڪليئرنس واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي. آءِ جي سنڌ کي عيدالفطر جي موقعي تي سيڪيورٽي پلان جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي پوري سنڌ ۾ 29 هزار 826 اهلڪار ۽ آفيسر ڊيوٽين تي مقرر ڪيا ويا آهن. ڪراچي رينج ۾ 13 هزار 186 اهلڪارن ۽ آفيسرن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن.