اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

سنڌ ۾ عوام کي عيد جي موقعي تي مفت ٽرانسپورٽ ڏيڻ جي اڄ کان سروس شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ عوام کي عيد جي موقعي تي مفت ٽرانسپورٽ ڏيڻ جي اڄ کان سروس شروع، پهرين گاڏي لاڙڪاڻي لاءِ نڪرندي، سرڪار ۽ ٽرانسپورٽرن ۾ معاهدو ٿي ويو، ٽرانسپورٽر ابتدائي طور تي 4 روٽن تي گاڏيون هلائيندا، ٽرانسپورٽ کاتي جي ترجمان موجب سرڪار عوام کي عيد جي موقعي تي مفت ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ لاءِ ٽرانسپورٽرن سان معاهدو ڪيو آهي، ترجمان موجب نگران ٽرانسپورٽ واري وزير ڪرنل (ر) دوست محمد چانڊيو جو ٽرانسپوٽرن سان معاهدو ڪيو، معاهدي تحت ٽرانسپوٽر عيد جي موقعي تي اڄ کان روزاني هڪ مسافر بس مختلف روٽن تي مفت ۾ هلائيندا، اهي بسون ڪراچي کان سانگهڙ، ڪراچي کان مٺي، ڪراچي کان سکر ۽ ڪراچي کان لاڙڪاڻي هلايون وينديون. ذريعن موجب سنڌ جي نگران حڪومت، مظفر ڪوچز، مدينه ڪوچز ۽ ٻين ڪوچ اونرن کي گهرائي عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏيڻ لاءِ گاڏيون فراهم ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جنهن تي ٽرانسپورٽرن شڪايت ڪئي ته سندن مسئلا حل نه ڪيا ويا آهن مٿان وري گاڏيون گهريون پيون وڃن، جنهن تي ٽرانسپورٽ واري وزير کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلن کي اوليت جي بنياد تي حل ڪيو ويندو، ٽرانسپورٽرن هڪ هڪ ڏينهن لاءِ مسافر گاڏيون مفت ۾ فراهم ڪرڻ جي حامي ڀري ان بعد معاهدو ڪيو ويو.