اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

ناليوارو ليکڪ مشتاق احمد يوسفي 94 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: ناليوارو ليکڪ مشتاق احمد يوسفي 94 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مشتاق يوسفي ڪافي عرصي کان بيمار ۽ ڪراچي ۾ علاج هيٺ هو. ڪجهه ڏينهن اڳ کيس نمونيا جي ڪري اسپتال آندو ويو هو. طبيعت خراب ٿيڻ جي کيس وينٽي ليٽر تي اماڻيو ويو پر ڪجهه دير بعد ڊاڪٽرن سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي. وارثن موجب کيس ڪو به عارضو نه هو پر عمر جي ڪري هو اڪثر بيمار رهندو هو. مشتاق احمد يوسفي 4 سيپٽمبر 1921ع تي هندوستان جي رياست ٽونڪ، راجسٿان ۾ پيدا ٿيو ۽ آگره يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ايم اي ڪئي جنهن بعد هن علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان ايل ايل بي ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ پاڻ ڪراچي آيو ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي. سندس پنج ڪتاب شايع ٿيا جنهن ۾ ”چراغ تلي“ (1961ع)، ”خاڪم بدهن“ (1969ع)، ” زرگزشت“ (1976ع)، ” آب گم“ (1990ع)، شام شعرياران (2014ع) شامل آهن.