اربع 19  سيپٽمبر 2018ع

اسان جو منشور قومي مفادن جو تحفظ، بهتر حڪمراني، پاڻيءَ جي نيڪال ۽ پاڻيءَ جي فراهمي سميت ٻيون اهم شيون شامل آهن: سيد جلال محمود شاهه

ويب ڊيسڪ: حيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته اسان جي منشور ۾ قومي مفادن جو تحفظ، بهتر حڪمراني، پاڻيءَ جي فراهمي ۽ نيڪال سميت معيشت، روزگار ۽ مڪاني ادارن جي بهتريءَ سوڌو ٻيون اهم شيون آهن. اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ڪجهه سيٽن تي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪيو آهي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪارڪنن تي ڀاڙيندي آهي. هن چيو ته اسان جا اميدوار قومي اسيمبليءَ جي 7 ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي 31 سيٽن تي حصو وٺي رهيا آهن، ڪاميابيءَ لاءِ اسان ڪجهه سيٽن تي جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪيو آهي. هن چيو ته چونڊ فهرستن ۾ خامين باوجود بهتر آئي آهي، اليڪشن ڪميشن جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته هر ضلعي ۾ آفيس ناهي. هن چيو ته جيڪڏهن عوام کي ڪنهن کان انتقام وٺڻو آهي ته ووٽ جي ذريعي وٺي لٺ يا پٿر بدران. هن چيو ته نگران حڪومت ۾ عارضي ماڻهو آهن، نگران حڪومت ڪجهه هنڌن تي ڪمزور فيصلا به ڪندي آهي جيڪي آفيسر 10 سالن کان مقرر هئا انهن کي ئي وري لڳايو ويو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي پارٽي منشور ۾ قومي مفادن جو تحفظ، بهتر حڪمراني، پاڻيءَ جي فراهمي، نيڪال جو سرشتو بهتر ڪرڻ، معيشت، روزگار ۽ مڪاني ادارن جي بهتري، عورت ماهيگيرن ۽ هارين جي حقن سميت اهم شيون شامل آهن.