ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

بالي ووڊ اداڪارا سونالي بيندري ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا

ويب ڊيسڪ: ممبئي: بالي ووڊ اداڪارا سونالي بيندري موذي مرض ڪينسر ۾ مبتلا ٿي وئي، جنهن جو اطلاع هن پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام وسيلي ڏنو. سونالي بيندري سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيماري جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي چاهيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. اداڪارا لکيو ڪڏهن ڪڏهن جڏهن اوهان کي بلڪل به اميد نه هوندي ته زندگي اوهان کي بالي جيان گهمائي ڇڏيندي آهي، مون مون ڪجهه ڏينهن اڳ ڪينسر جي سڃاڻپ ڪئي وئي جيڪا سنگين مرحلن تي آهي ۽ ڦهلجي چڪي آهي. هن ٻڌايو ته جسم ۾ اٿندڙ سور جي لهرن کانپوءِ هن پنهنجي طبي ٽيسٽ ڪرائي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس موذي مرض جي سڃاڻپ ٿي، جنهن جي باري ۾ هن سوچيو به نه هو. اداڪارا ٻڌايو ته هن مشڪل وقت ۾ هوءَ پنهنجن دوستن ۽ گهروارن جي شڪرگذار آهي جن کيس بهترين انداز ۾ سپورٽ ڪيو ۽ سندس خيال رکيو آهي. سونالي باندري وڌيڪ لکيو ته فوري طور تي ان مرض جو علاج ڪرائڻ کان علاوه ٻيو ڪوبه حل ناهي ۽ ڊاڪٽرن جي هدايتن موجب هن وقت هوءَ نيويارڪ ۾ علاج هيٺ آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان جنهن جي لاءِ منهنجن پيارن جي سپورت ۽ انهن جي محبت جي مدد ڪئي آهي ۽ منهنجي همت جي پويان منهنجو خاندان ۽ دوست آهن.