جمعو 16 نومبر 2018ء

ڀارتي اسپتال ۾ دل جي سرجري کانپوءِ فوت ٿيندڙ 7 ورهين جي زينب مٽيءَ ماءُ حوالي

ويب ڊيسڪ: فيصل آباد: ڀارتي اسپتال ۾ دل جي سرجري کانپوءِ فوت ٿيندڙ 7 ورهين جي زينب کي جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي زينب جي تدفين فيصل آباد جي مقامي قبرستان چوهڙ ماجره ۾ ٿي. معصوم زينب جي دل ۾ 3 سوراخ هئا ۽ ان جي دل جو ساڄو حصو به ڪم نه پيو ڪري، پاڪستان ۾ علاج ممڪن نه هجڻ ڪري ٻارڙي جي والد کيس ڀارتي شهر لڌيانا وٺي ويو، جتي هوءَ گذريل ڏينهن فوت ٿي وئي. زينب جي پيءُ کي سندس مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.