اربع 18 جولائي 2018ع

مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ ظفر علي شاهه تحريڪ انصاف ۾ شامل

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: مسلم ليگ ن جو اڳواڻ ظفر علي شاهه تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو. مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي ظفر علي شاهه عمران خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ظفر علي شاهه جو چوڻ هو ته سياست جي آخر ۾ پنهنجو فرض ادا ڪرڻ چاهيان ٿو، پورو پاڪستان عمران خان سان گڏ هلي رهيو آهي، ملڪ کي اهڙي ليڊر جي ضرورت آهي. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي اندر ڪرپشن جا وڏا بت ڪيرايا آهن، ان تي ڪوبه داڳ ناهي، ان جي هر محاذ تي حمايت ڪنداسين.