جمعو 16 نومبر 2018ء

سنڌ سرڪار ملازمن جي پگھارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊھاڪ الائونس ۽ هائوس رينٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽ: وحيد گل ميمڻ) سنڌ سرڪار ملازمن جي پگھارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊھاڪ الائونس ۽ هائوس رينٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي، ناڻي کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ناڻي کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ملازمن جي بنيادي پگھار تي ملندڙ ھائوس رينٽ تي 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيلنگ واڌاري وارو نوٽيفڪيشن اڳ ئي جاري ٿيل آھي. سنڌ جي نان گزيٽڊ گريڊ ھڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي ليٽ سٽنگ ڪنوينس چارچز ۾ پڻ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، نظرثاني بعد ڪم وارن ڏينھن دوران هر ڏهاڙي 225 رپيا ۽ موڪل واري ڏينھن 285 رپيا ڪنوينس چارچز ملندا، جڏھن ته ڊرائيورن ۽ ڊسپيچ رائيڊرز تي ريٽ لاڳو نه ٿيندا. سنڌ جي ڊرائيورن ۽ ڊسپيچ رائيڊرز جي اوور ٽائيم ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، کين ڪم واري ڏينھن دوران هر ڪلاڪ 80 رپيا ۽ موڪل واري ڏينھن 100 رپيا هر ڪلاڪ ۽ وڌ ۾ وڌ 600 رپيا ادا ڪيا ويندا، نوٽيفڪيشن موجب سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن جي ملازمن جي پگهار ۾ 10 سيڪڙو ۽ هائوس رينٽ الائونس ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، اها واڌ پهرين جولائي 2018 کان لاڳو ڪئي ويندي.