اربع 19  سيپٽمبر 2018ع

دهشتگرد ملڪ جي ترقي ۽ جمهوري عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي پويان آهن: محمد صادق سنجراڻي

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته دهشتگرد ملڪ جي ترقي ۽ جمهوري عمل کي سبوتاز ڪرڻ جي پويان آهن پر جمهوري قوتن کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن انهن عنصرن جي حوصلا شڪني ڪري سگهجي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري پکيڙي پنهنجا ناپاڪ ارادا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته هي ڌماڪو ان وقت ڪيو ويو جڏهن پاڪستان ۾ چونڊ عمل جي صورت ۾ اهم اڳڀرائي ٿيڻ وڃي رهي هئي ۽ سموريون سياسي پارٽيون چونڊ مهم جي صورت ۾ عوامي رابطن ۾ مصروف آهن تنهن هوندي به اسان کي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪرڻو آهي ته ان عنصر کي پاڙ کان پٽڻ ۾ ئي ان قوم جي ڀلائي آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته بلور خاندان دهشتگردي خلاف عظيم قربانيون ڏنيون آهن ۽ قوم کين تسليم ڪري ٿي ۽ اڄ اسان سڀ يڪجهتي جي طور تي انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. سينيٽ چيئرمين يڪه توت ۾ اي اين پي جي جلسي ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي، سينيٽ چيئرمين بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ ماڻهن لاءِ مغفرت جي دعا ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي. هن چيو ته ان واقعي جي جاچ ڪري ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا، سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا محمد ظفر الحق ۽ سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان به ان واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.