اربع 19  سيپٽمبر 2018ع

بلور خاندان جون جمهوريت لاءِ قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون: صدر مملڪت ممنون حسين

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: صدر ممنون حسين پشاور ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ هارون بلور سميت سمورن ماڻهن جي بلند درجن ۽ پوئينرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي. صدر ممنون حسين هارون بلور جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي چيو ته جمهوريت لاءِ سندس قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. صدر مقامي انتظاميا کي زخمين کي علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررواين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.