اربع 19  سيپٽمبر 2018ع

ترڪيءَ کي روس کان ڪي ايس 400 ميزائل خريد ڪرڻ جو حق حاصل آهي: نيٽو

ويب ڊيسڪ: برسلز: نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولن برگ چيو آهي ته ترڪي روس کان ايس 400 ميزائل خريد ڪرڻ جو حق رکي ٿو. هن اهڙو اظهار هڪ روسي خابرو اداري سان ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو ۽ چيو ته ميمبر ملڪ هٿيار خريد ڪرڻ جي معاملي ۾ بااختيار آهن پر اهو ضروري آهي ته اهي هٿيار اسان جي معيار مطابق هجن. واضح رهي ته هن اهو بيان برسلز منعقد ٿيل نيٽو سربراهه اجلاس کان اڳ ڏنو آهي.