جمعو 16 نومبر 2018ء

پرڏيهي غير قانوني طور تي آمريڪا نه اچن: صدر ٽرمپ

ويب ڊيسڪ: واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته پرڏيهي غير قانوني طور تي آمريڪا نه اچن. ٽرمپ اها ڳالهه هڪ اهڙي وقت تي چئي آهي جڏهن آمريڪي عدالتن طرفان ٽرمپ انتظاميه جي پرڏيهين کي حراست ۾ رکڻ جي پاليسيءَ خلاف هڪ کان وڌيڪ فيصلا ٻُڌايا ويا آهن. گذريل ڏينهن پڻ هڪ وفاقي عدالت جي جج غير قانوني پرڏيهي طور آمريڪا ايندڙ ٻارن کي ڊگهي مُدي لاءِ حراستي مرڪزن ۾ رکڻ جي حڪومتي پاليسي رد ڪري ڇڏي هئي. ان حوالي سان ٽرمپ اربع تي وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته ان مسئلي جو حل امڪاني پرڏيهين کي ٻُڌائڻ آهي ته کين غير قانوني بدران قانوني طور آمريڪا اچڻ جي ڪوشس ڪرڻ گهرجي.