جمعو 16 نومبر 2018ء

باغين لاءِ دقيه ۾ اسد حڪومت جي حامي 40 فوجين کي ماري ڇڏيو

ويب ڊيسڪ: دمشق: شامي باغين اسد حڪومت جي حامي 40 فوجين کي ماري ڇڏيو. سيريئن آبزرويٽري موجب العتيره نالي ڳوٺ ۾ حڪومت جٿن ۽ ان جي اتحادين جا 27 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن ۽ انهن ۾ 8 آفيسر پڻ شامل آهن. آبزرويٽري وڌيڪ ٻُڌايو ته باغين ان دوران العتيره تي قبضو پڻ ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ٻي ڪارروائيءَ ۾ اسد حڪومت جي حامي جٿن جا وڌيڪ 40 ويڙهاڪ زخمي ۽ 6 باغي مارجي ويا آهن. العتيره ترڪ سرحد ويجهو الاذقيه نالي صوبي ۾ آهي.