اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران لاهور سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ويب ڊيسڪ: اسلا م آباد: موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران دوران اسلام آباد ، راولپنڊي گوجرانوالا لاهور سرگودا ڊيرا اسماعيل خان ، ساهيوال ، فيصل آباد ڊويزن ، هزاره ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ اڪثر هنڌن تي هکڪي ۽ پشاور ، ڪوهاٽ، بنون ، مالاڪنڊ ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوائن سان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي . ،موسميات کاتي جي رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندي . موسميات جي رپورٽ اسلام آباد راولپنڊي ، گوجرانولا ،لاهور ، فيصل آباد سرگودها ، ملتان ، ڊي جي خان ، هزاره ڊويزن ، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي ،پر ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙيالي رهندي . رپورٽ موجب گزريل 24 ڪلاڪن دوران . راولپنڊي . گوجرانوالا ، لاهور ، سرگودها ، بهاولپور ، مالاڪنڊ ، هزاره ڊويزن ، اسلام اباد ، گلگت بلتستان ۾ ڪٿي ڪٿي جڏهن ته پشاور ، ڪوئٽا ءٌ سبي ڊويزن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي آهي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙيالي رهندي.