اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

تحريڪ انصاف پاران ممتاز ڀٽو کي ملڪي سطح تي يا سنڌ ۾ اهم ذميواري سونپڻ جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ اڳوڻو وڏو وزير ممتاز علي ڀٽو اڄ آچر تي صبح جو اسلام آباد لاءِ روانو ٿيندو، اسلام آباد پهچي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سان ملاقات جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ممتاز ڀٽو کي ملڪي سطح تي يا سنڌ ۾ اهم ذميواري سونپڻ جو امڪان آهي، هو ڏانهن مليل ڄاڻ موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار ممتاز علي خان ڀٽو چيو آهي ته هن چونڊ کانپوءِ اهڙو منظر نظر اچي رهيو آهي جو اڳي ڪڏهن به ظاهر نه ٿيو. هاڻي هڪڙا پنهنجي ڪاميابي جا جشن ملهائي رهيا آهن ته ٻئي طرف وري ڌانڌلين جي شڪايت ڪندڙ احتجاج ڪري رهيا آهن، هن چيو ته سياست سچائي ۽ ايمانداريءَ تي ٻڌل هوندي آهي پر هِتي اُها ڪوڙي سياست ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهي آهي.