جمعو 17  آگسٽ 2018ع

پي ٽي آءِ حڪومت ملڪ کي اقتصادي بحران مان ڪڍڻ لاءِ غير معمولي ۽ ٺوس قدم کڻندي: جهانگير ترين

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد : پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت بڻائڻ کانپوءِ ملڪ کي موجوده اقتصادي بحران مان ڪڍڻ لاءِ غير معمولي ۽ ٺوس قدم کڻندي. هو پاڪستان فرنيچر ڪائونسل جي چيف ايگزيڪيٽو ميان ڪاشف اشفاق سان ڳالهائي رهيو هو جنهن سومر ڏينهن بني گالا ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪساتن فرنيچر ڪائونسل جي طرفان جاري هڪ پريس رليز موجب جهانگير ترين چيو ته نئين حڪومت سڀ کان پهرين بيل آئوٽ پيڪيج جي طرف ويندي جنهن کانپوءِ معيشت ۾ مقابلي جي بحالي تي ڌيان ڏنو ويندو، ان مقصد جي لاءِ 20، کان 25 سال گهربل آهن جڏهن ته هنرمند افرادي قوت ۽ تعليم يا فته ماڻهن جي به ضرورت آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ٽيڪس پاليسي بهتر بنائڻ گهرجي جنهن ۾ نئين صنعتي يونٽس لڳائڻ جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، هن واضح انداز ۾ چيو ته سمورن خودمختيار ۽ نيم خودمختيار ادارن جي موجوده بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، جهانگير ترين مقامي فرنيچر انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ پاڪستان فرنيچر ڪائونسل جي ڪردار کي ساراهيو ۽ فرنيچر جي شعبي جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي مڪمل حمايت جي خاطري. ان موقعي تي ڪاشف اشفاق ان اميد جو اظهار ڪيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت پاڪستان ۾ فرنيچر جي شعبي جي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي، هن چيو ته ان شعبي کي ماضي ۾ بري طرح نظر انداز ڪيو ويو آهي اسان کي ان شعبي جي فروغ لاءِ پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ اسان قيمتن جي لحاظ کان چين جي مارڪيٽ جو مقابلو نٿا ڪري سگهون ڇو ته چين ۾ وڏي تعداد ۾ هنر مند افرادي قوت دستياب آهي، اتي هڪ هزار کان وڌيڪ ٽيڪينڪل اسڪول آهن جتي 11 ملين کان وڌيڪ ماڻهو سکيا وٺي رهيا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن مقامي مينوفيڪچرز کي گهربل تعاون ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پهچ ۾ مدد ڏني وڃي ته هي صنعت ملڪي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪري سگهندي. ان موقعي تي سينيٽر محمد سرور، عاصم نذير، چوڌري محمد اشفاق ۽ پاڪستان فرنيچر ڪائونسل جو سيڪريٽري به موجود هئا.