اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

وينزويلا جي صدر تي حملي جي سازش ۾ ملوث 6 ڄڻا گرفتار

ويب ڊيسڪ: ڪراڪس : وينزويلا جي گهرو وزير نيسٽور ريفيرول دعويٰ ڪئي آهي ته صدر نڪولس ميدورو تي ڊرون جهازن جي مدد سان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث 6 ڄڻن جي حراست ۾ ورتو ويو آهي. عالمي سڌ سماءُ وارن ذريعن موجب گهرو وزير جو چوڻ آهي ته صدر تي حملي جي سازش ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. واضع رهي ته وينزويلا جي صدر نڪولس ميدورو گذريل ڏينهن هڪ ڊرون حملي ۾ ذري گهٽ بچي ويو هو پر ان حملي ۾ 7 فوجي زخمي ٿيا.