جمعو 17  آگسٽ 2018ع

انڊونيشيا جي ٻيٽ لومبوڪ ۾ زلزلي سبب فوتگين جو انگ 140 کان وڌي ويو

ويب ڊيسڪ: جڪارتا : انڊونيشيا جي ٻيٽ لومبوڪ ۾ آيل شديد زلزلي ۾ فوتگين جو ناگ 140 کان وڌي ويو آهي. مقامي اختيارين موجب زلزلي سبب ڪيترائي سو ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن جڏهن ته هزارين عمارتن کي نقصان پهتو آهي. اختيارين ٻڌايو ته مقامي ماڻهن ۽ سياحن جي هڪ وڏي انگ گذريل رات کليل آسمان هيٺان گذاري. لومبوڪ جي ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ ان وقت تائين بجلي نحال ناهي ٿي سگهي.