جمعو 17  آگسٽ 2018ع

پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي سعودي عرب پهچائڻ لاءِ حج کان اڳ فلائيٽ آپريشن 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو

مڪو شريف: ويب ڊيسڪ: پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي سعودي عرب پهچائڻ لاءِ حج کان اڳ فلائيٽ آپريشن 15 آگسٽ تائين مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي اسڪيم ذريعي ڀلي پار پهچندڙ حج پانڌيئڙن جو انگ هڪ لک 8382 تائين پهچي ويو آهي. اها ڳالهه جده ايئرپورٽ جي انچارج انعام الحق صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته حج پانڌيئڙن جي پاڪستان مان سعودي عرب روانگيءَ لاءِ 14 جولاءِ تي شروع ٿيل فضائي آپريشن پنهنجي پڄاڻيءَ طرف جاري آهي. ٻين ملڪن جيان پاڪستان حج پانڌيئڙا به جده ايئرپورٽ ذريعي سعودي عرب پهچي رهيا آهن، اڄڪلهه جده ايئرپورٽ جو حج ٽرمينل آباد آهي ۽ مختلف ملڪن جي حج پانڌيئڙن کي کڻي ايندڙ ڪيتريون ئي اُڏامون لڳاتار اچي رهيون آهن. هن ٻُڌايو ته پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي استقبال ۽ سهولت لاءِ ان وقت هتي مذهبي معاملن واري وزارت، حج ميڊيڪل مشين ۽ لوڪل معاونين تي ٻڌل 71 ماڻهن جو دستو 12-12 ڪلاڪن جي شفٽن ۾ ڏينهن رات مصروف آهي. هن واضع ڪيو ته حج فلائيٽ آپريشن جي پڄاڻيءَ تي سڄو عملو به مڪي شريف پهچي ٻين ذميوارين ۾ مصروف ٿي ويندو، جڏهن ته حج جي ادائگيءَ کانپوءِ حاجين جي سهولت سان وطن واپسي لاءِ عملو ٻيهر جده ايئرپورٽ تي مقرر ڪيو ويندو.