اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

نه ڪير اين آر او ڏيڻ چاهي ٿو نه ئي ڪير وٺڻ چاهي ٿو: شهباز شريف

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد : ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته اين آر او بابت ڪا ڳالهه ٻولهه نه پئي هلي، نه ڪو اين آر او ڏيڻ چاهي ۽ نه ڪو وٺڻ چاهي ٿو. اڊيالا جيل ۾ نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف، ڪيپٽن (ر) صفدر، مريم ۽ حنيف عباسي سان ملاقات ٿي، سڀني جي حوصلا بلند آهن. هن چيو ته نواز شريف جو جيل ۾ قيد قوم لاءِ وڏي قرباني آهي، هو لنڊن ۾ بيمار گهرواري کي خدا حافظ چئي آيو، کيس خبر هئي قيد ڪاٽڻو پوندو، تنهن ڪري هو پنهنجي ذات لاءِ نه پر قوم لاءِ آيو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ ڌانڌلي واري چونڊ ٿي آهي، چونڊن کان اڳ به پري پول ڌانڌلي ٿي، 25 جولاءِ تي ڌانڌلي ٿي، اڄ صورتحال اها آهي ته چونڊون کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ، ٻئي سراپا احتجاج آهن. سندس چوڻ هو ته ڌانڌلي جو گوڙ رڳو پاڪستان ۾ ئي نه پر ٻاهرين ملڪ ميڊيا ۾ به آهي، قوم ڌانڌلي وارين چونڊن کي رد ڪيو، ڪالهه سمورين پارٽين پرامن احتجاج ڪيو، موسم جي خرابي سبب مان احتجاج ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس، اهو پهريون احتجاج نه هو، اڳتي به اهڙا احتجاج ٿيندا. شهباز شريف چيو ته ڌانڌلي تي اسيمبلي ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ سڀ پارٽيون ان تي پنهنجي راءِ ڏينديون، اسان اسيمبلي ۾ چونڊن جي حوالي سان مبارڪ ڏيڻ نه وينداسين پر اهو ڌانڌلي جي جاچ جو پهريون مطالبو هوندو. اين آر او بابت سوال جي جواب ۾ ن ليگ صدر جو چوڻ هو ته ڳالهين کانسواءِ دنيا جيئري نٿي رهي سگهي پر ڪو اين آر او نه پيو ٿئي، نه ڪير اين آر او ڏيڻ چاهي ٿو ۽ نه ڪو وٺڻ چاهي ٿو، ان حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.27