اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

تحريڪ انصاف ڌانڌلي جي الزامن تي اپوزيشن جو جاچ وارو مطالبو مڃي ورتو

ويب ڊيسڪ: لاهور: تحريڪ انصاف ڌانڌلي جي الزامن تي گڏيل اپوزيشن جو جاچ وارو مطالبو مڃي ورتو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته اسان پارلياماني ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون، اسان کي ان تي ڪو اعتراض ناهي، جاچ ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون. واضح رهي ته گڏيل اپوزيشن جو پهريون مطالبو سامهون اچي ويو آهي، جنهن ۾ حڪومت کان حلف کڻندي ئي ڌانڌلي جي الزامن تي پارلياماني ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.