اڱارو 22 جنوری 2019ء
**تازه ترين**اسلام آباد: ساهيوال سانحي تي عوام جو ڏک ۽ ڪاوڙ کي جائز آهي** ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي: وزير اعظم عمران خان** مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين: وزير اعظم عمران خان** لاهور: ساهيوال واقعي جي شروعات جاچ ۾ قتل جو ذميوار سي ٽي ڊي اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو آهي** لاهور: ساهيوال واقعي جي جي آءِ ٽي رپورٽ سڀاڻي اچي ويندي ۽ ان تي ايڪشن کڻي ڏيکاريندس: وزير اعليٰ پنجاب** اسلام آباد: راؤ انوار کان وٺي ساهيوال سانحي تائين جعلي مقابلن جو خاتمو اسان جو فرض آهي: وفاقي وزير شيرين مزاري**اسلام آباد: العزيز ريفرنس: نواز جي اپيل ۽ سزا معطلي جي درخواست تي نيب کان جواب طلب**

سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز لاءِ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججز جا نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ٽربيونلز لاءِ هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججز جا نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلي ڇڏيا. ذريعن موجب چونڊ سببن لاءِ ٽربيونلز قائم ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان رٽائرڊ ججز جا نالا گهرايا هئا، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻڌايو ته رٽائرڊ جج ميسر ناهن، ان لاءِ هاءِ ڪورٽ جي موجوده ججن جا نالا موڪليا پيا وڃن. ذريعن موجب جسٽس عمر سيال ۽ جسٽس يوسف علي سعيد جا نالا ڪراچي ٽربيونلز لاءِ موڪليا ويا آهن جڏهن ته جسٽس شفيع صديقي جو نالو لاڙڪاڻو ۽ سکر ٽربيونل لاءِ موڪليو ويو آهي، اهڙي طرح حيدرآباد اليڪشن ٽربيونل لاءِ جسٽس خادم حسين ايم شيخ جو نالو اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪليو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ ٽربيونلز پنهنجو ڪم شروع ڪندو، اليڪشن ٽربيونلز چونڊ ۾ ٻيهر تڪ کولڻ سبب ٻين شڪايتن جو ازالو ڪندو.