سومر 22 آڪٽومبرر 2018ع

سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انتظاميه گلشن اقبال ۾ اسڪول کي غير قانوني قرار ڏئي سيل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انتظاميه گلشن اقبال ۾ اسڪول کي غير قانوني قرار ڏئي سيل ڪري ڇڏيو. شاگردن ۽ سندن وارثن احتجاج ڪيو، هڪ شاگرد بيهوش ٿي ويو. گلشن اقبال جي بلاڪ 10 ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي هڪ خانگي اسڪول کي غيرقانوني قرار ڏئي سيل ڪري ڇڏيو آهي. اسڪول کي سيل ڪرڻ خلاف شاگرن ۽ سندن والدين اسڪول ٻاهران احتجاج ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شاگرد بيهوش ٿي ويو. اسڪول انتطاميه جو چوڻ آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي انتظاميه اسڪول کي غيرقانوني قرار ڏئي سيل ڪيو آهي، عمارت سيل ڪرڻ بابت نوٽيس به ناهي ڏنو ويو. اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد ۽ سندن وارثن اسڪول سيل ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو. ٻارن جي وارثن چيو ته صبح جو اسڪول آياسين ته عمارت سيل ٿيل هو،هاڻي اسان ڪيڏانهن وڃون؟.