اربع 19 ڊسمبر 2018ء

اتحادين جي شموليت سان قومي اسيمبلي ۾ اسان جو تعداد 180 تائين پهچي ويو آهي: فواد چوڌري

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته ڪراچي ۾ شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين جي ملاقات جي ڊي اي جي ميمبرن سان ٿي آهي، اتحادين جي شموليت سان قومي اسيمبلي ۾ اسان جو تعداد 180 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ اسان جي ميمبرن جو تعداد 186 تائين پهچي چڪو آهي، بني گالا جي ٻاهران محمود خان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن 170 ميمبر عمران خان کي چونڊين ٿا ته ٻي رائوڊ جي ضرورت نه آهي، عمران خان پهرئين رائوند ۾ ئي وزيراعظم چونڊجي ويندو، هن چيو ته عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ رهندو يا ڪنهن ٻي هنڌ ان تي مشاورت جاري آهي، بني گالا ۾ رهڻ سان سيڪيورٽي ۽ آمدرفت جا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ترجمان چيو ته 13 آگسٽ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويندو جڏهن ته عمران خان 16 يا 17 آگسٽ تي حلف کڻندو. هن چيو ته عالمي اڳواڻن جا مبارڪباد جا پيغام عمران خان کي اچي رهيا آهن، ڪيترن ئي ملڪن جي سفيرن عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي، عالمي اڳواڻن عمران خان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نظر اچن ٿا، ترجمان چيو ته سنڌ مان تحريڪ انصاف جو مينڊيٽ تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف ڪراچي ۽ سنڌ جي خال کي ڀريندي. هن چيو ته عمران خان وڏي وزير ۽ اسپيڪر جي نالا فائنل ڪري ورتا آهن، اليڪشن ڪميشن جي رولز موجب 21 ڏينهن جي اندر حلف کڻڻو هوندو آهي جيڪو ممڪن نظر نه اچي رهيو آهي، ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخوا لاءِ نامزد وڏي وزير جي اميدوار محمود خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان سان خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ٿي آهي، ميڊيا ۾ جيڪو مفروضو هلي رهيو آهي اهو غلط آهي، هن چيو ته اسان جي حڪومت عوام تي ڀرپور ڌيان ڏيندي ۽ عوام تي سرمايو خرچ ڪيو ويندو، هن چيو ته الله مون کي منهنجي حيثيت کان وڌيڪ دولت ڏني آهي ۽ منهنجي ويجهو 18 لک روپين جي ڪا به حيثيت نه آهي ۽ 18 لک روپين جي چوري جو الزام بي بنياد آهي، هن چيو ته مالاڪند ٽيڪس فري زون آهي ۽ اتي جنهن جائيداد جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اها جائيداد منهنجي ناهي پر خانداني جائيداد آهي، هن چيو ته پهرين به چئي چڪو آهيان ته تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان جنهن تي اعتماد ڪندو اهو ئي صوبي ۾ اسان جو اڳواڻ هوندو.