ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

مڪه مڪرمه حج جي ڪامياب تڪميل کان پوءِ حرم شريف جي صفائي جي ڪم ۾ تيزي

مڪه مڪرمه (سوڀ نيوز) سعودي عرب جي حڪومت حج جي ڏينهن کان پوءِ مڪه مڪرمه ۾ مسجد الحرام ۾ صفائي سٿرائي جو ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي. سعودي فوج سروسز جي ڊائريڪٽر جنرل محمد اطهري چيو آهي ته حج جي ڪامياب تڪميل کان پوءِ حرم شريف جي اندروني ۽ ٻاهرين صفائي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. سعودي نشرياتي اداري موجب مڪه مڪمره ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته حج جي ڪامياب تڪميل کان پوءِ حرم جي اندروني ۽ ٻاهرين پڌر جي صفائي لاءِ ٽن شفٽن ۾ 4 هزار کان وڌيڪ ملازم ۽ سندن نگراني لاءِ 275 اهلڪار مقرر آهن.