ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

احسان ماني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو

ويب ڊيسڪ: لاهور: احسان ماني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي. احسان ماني جي مقابلي ۾ ڪنهن به نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا، جنهن کانپوءِ احسان ماني پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو 33هون چيئرمين بڻجي ويو آهي. پي سي بي قانون مطابق احسان ماني ايندڙ ٽن سالن تائين پي سي بي چيئرمين جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو. احسان ماني آءِ سي سي جو صدر به رهي چڪو آهي، احسان ماني 1989ع کان 1996ع تائين آءِ سي سي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نمائندگي ڪئي.