ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

ڊان ٽي وي مان ملازمن جي جبري نيڪالي خلاف صحافين جو احتجاج، بحال ڪرڻ جو مطالبو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جرنلسٽس ايڪشن ڪاميٽي حيدرآباد جي صحافين پاران ڊان ٽي وي مان ملازمن جي جبري نيڪالي خلاف پي ايف يو جي مرڪزي نائب صدر خالد کوکر، محمد حسين خان، ناصرشيخ، خالدچانڊيو، حميدالرحمان، اعجاز لغاري، جاني خاصخيلي، ارشاد چنا، اختر پيرزادو، عارف علي ڀٽي، فاضل چنا، نياز وگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي صحافين ڊان ٽي وي پاران صحافين جي جبري نيڪالي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊان ٽي وي مان جبري نيڪالي ڏنل صحافين کي نوڪرين تي بحال ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.مظاهري ۾ ن ليگ اڳواڻ جمال عارف سهروردي، پاڪستان سني تحريڪ جي اڳواڻ عابد رضا قادري يڪجهتي طور ۾ مظاهري ۾ شرڪت ڪئي.