ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

اسريٰ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي پاران خيراتي اسپتال اسريٰ ۾ ٿيندڙ مبينا ڪرپشن خلاف مين گيٽ احتجاج، ڌرڻو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اسريٰ يونيورسٽي بچايو ڪاميٽي پاران خيراتي اسپتال اسريٰ ۾ ٿيندڙ مبينا ڪرپشن خلاف ڪنوينر اشرف نوناري، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عبدالعزيز ڦل، سنڌ نيشنل تحريڪ جي چيف آرگنائيزر لالا قربان سوڍڙو، مير الهداد ٽالپر، ڊاڪٽر عظميٰ جوکيو، خادم حسين سيال، زهرا هاليپوٽو، اختر سنڌي، مجھيب کهاوڙ، مهر علي وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٽڙي باءِ پاس کان اسريٰ اسپتال تائين پيادل مارچ ڪري اسريٰ جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي سبب ڪيترائي ڪلاڪ روڊ ۽ اسپتال جي گيٽ بند رهي، ڌرڻي ۾ شامل مظاهرين کي خطاب ڪندي اشرف نوناري چيو ته انسان دوست ماڻهن جي چندي تي قائم ٿيندڙ خيراتي اسپتال غريبن جي علاج لاءِ قائم ڪئي وئي هئي اڄ اها خيراتي اسپتال سنڌ جي مهانگي اسپتال بڻجي چڪي آهي جتي غريب مريضن جو علاج ممڪن ئي ناهي، اسريٰ جي انتظاميه اسپتال مٿان قابض آهي. جن خيراتي اسپتال کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي.