جمعو 16 نومبر 2018ء

وفاقي ڪابينا پرڏيهي سرمائي جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: وفاقي ڪابينا پرڏيهي سرمائي ۽ اثاثن جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 9 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ڪيڊ ڊويزن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وفاق ۾ صحت بابت معاملا وزارت نيشنل هيلٿ سروسز جي ماتحت ڪرڻ ۽ ملڪي ادارن ۾ ريگيوليٽري نظام جي ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا اورنج ٽرين سميت گذريل حڪومت جي سمورن ماس ٽرانزٽ منصوبن جي خاص آڊٽ ڪرائڻ جي منظوري ڏني آهي جنهن جي تحت راولپنڊي، لاهور، ملتان ۽ پشاور ميٽرو بس منصوبن جو عالمي معيار جي آڊٽ مان خاص آڊٽ ڪرائي ويندي. ذريعن موجب ڪابينا پرڏيهي سرمائي ۽ اثاثن جي واپسي لاءِ ريڪوري يونٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ريڪوري يونٽ احتساب جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جي معاونت ڪندو. ذريعن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان نيوي ايڪٽ 1961ع ۾ ترميم ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ انڪم ٽيڪس ترميمي آرڊيننس ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.