جمعو 16 نومبر 2018ء

حڪومت پاران وزير اعظم هائوس کي پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي ادارو بڻائڻ جو اعلان

ويب ڊيسڪ: اسلام آباد: حڪومت وزيراعظم هائوس کي پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي اداري ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ٻڌايو ته حڪومتن جي شاهاڻي طريقي کان ماڻهو پريشان آهن، ضروري آهي ته حڪمرانن جي رهڻي ڪرڻي ايئن هجي ته عوام جو پئسو ضايع نه ٿئي، ان جي لاءِ وزيراعظم پاڻ فيصلو ڪيو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ نه رهندو ۽ گورنرز گورنر هائوسز ۾ نه رهندا. شفقت محمود چيو ته وزيراعظم هائوس هن وقت هڪ هزار 96 ڪينال تي ٻڌل آهي ۽ ان جو ساليانو خرچ 47 ڪروڙ آهي جڏهن ته مجموعي طور تي وزيراعظم ۽ گورنر هائوسز تي 115 ڪروڙ روپيا ساليانو خرچ ايندو آهي ان ڪري ان حوالي سان فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم هائوس کي اعليٰ درجي جو پوسٽ گريجوئيٽ تعليمي ادارو بڻايو ويندو، ان جي پويان زمين تي وڌيڪ اڏاوت به ڪئي ويندي. تعليم واري وزير جو چوڻ هو ته پي سي ون ٺهندو ۽ پلان جوڙينداسين، اهو ادارو پاڪستان ۾ تعليمي لحاظ کان منفرد هوندو. شفقت محمود ٻڌايو ته گورنر هائوس مري کي هيريٽيج يونيڪ هوٽل ۽ پنجاب هائوس کي مري کي ٽورسٽ ڪمپليڪس بڻايو ويندو جڏهن ته راولپنڊي پنجاب هائوس ۽ گورنر هائوس جي عمارت کي تعليمي ادارو بڻايو ويندو.