ڇنڇر 22  سيپٽمبر 2018ع

خانگي اسڪولن پاران فيس گهٽائڻ کان انڪار، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان

ويب ڊيسڪ: ڪراچي: خانگي اسڪولن جي انتظاميا سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وصول ڪيل فيس واپس ڪرڻ وارو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. خانگي اسڪولن جي انتظاميا فيسن ۾ گهٽتائي کان انڪار ڪندي تعليم کاتي کي تحريري طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. نجي اسڪولن طرفان تعليم کاتي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان جا خرچ فيس گهٽ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين. خانگي اسڪولن جي مالڪن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ٽن مهينن تائين سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين. واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ خانگي اسڪولن طرفان فيسن ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي کي غير قانوني قرار ڏنو هو، جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ تعليم کاتي عدالتي حڪم تي عمل ڪندي اسڪولن کي فيسن ۾ 5 سيڪڙو واڌ واپس ڪرڻ يا ايندڙ مهيني جي فيسن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.27